تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

پنجاب مان عورتن کي اغوا ڪري وڪرو ڪندڙ ٽولو نوابشاهه ۾ سوگهو، 3 عورتون بازياب: پوليس جي دعويٰ

جوابدار پنجاب مان عورتن کي اغوا ڪري شادي ۽ فحاشي لاءِ وڪرو ڪندا هئا: پوليس

پنجاب مان عورتن کي اغوا ڪري وڪرو ڪندڙ ٽولو نوابشاهه ۾ سوگهو

نوابشاھه (رپورٽ: اياز ڏاھري) نوابشاهه پوليس پنجاب مان عورتن کي اغوا ڪري وڪرو ڪندڙ ٽولي کي سوگهو ڪري ٽن عورتن کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، بي سيڪشن پوليس موجب ڪينچي پل ڀرسان گتا فيڪٽري وٽ ڪارروائي ٽن عورتن کي هٿ ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته هٿ آيل نارين کي پنجاب مان اغوا ڪري هٿي وڪري لاءِ آندو ويو هو، جن ۾ گجرانوالا جي رھواسڻ ڪنزا ڌي محمد بوٽا، سيالڪوٽ جي عروج ۽ ملتان واسڻ خالده بي بي ڌيءُ محمد رزاق انصاري شامل آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران 4 جوابدارن خان محمد ڪھوڙ، شھدادپور واسي عمران ڀٽي، ڪي اين شاھ واسي وسيم احمد کنڊ ۽ ميھڙ واسي عبدالرئوف ٻگھيو کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار پنجاب مان عورتن کي اغوا ڪري وڪرو ڪندا هئا، جن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڊي ايس پي سٽي مبيين احمد پرھياڙ روزاني پنھنجي اخبارسان ڳالھائنيدي چيو ته ھي گروھ عورتن کي پنجاب مان اغوا ڪرڻ بعد انهن کي سنڌ ۾ شادين ۽ فحاشي لاءِ وڪرو ڪندا آهن، ان گروهه ۾ ٻيا به وڏا ماڻهو ملوث آهن، جن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.