تازا ترين
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري، ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت*لانڍيم سعود آباد، لياري، بدين، ڍورو نارو ۽ ٻين علائقن ۾آمنا سومرو، فيصل ۽ بابر حياتيون وڃائي ويٺا*صوبائي وزير امتياز شيخ طرفان مختلف علائقن ۾ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار*
  • آصف زرداري جي درخواست رد، فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم*پارڪ لين ريفرنس ۾ احتساب عدالت سومر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*

پنجاب سوڌو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڊاڪٽرز جو وڪيلن خلاف احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڊاڪٽرز ۽ پي ايم اي طرفان به سموري ملڪ ۾ او پي ڊيز بند رکي احتجاج ڪيو پيو وڃي، ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته سموري پنجاب۾ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪيو پيو وڃي، پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي اسپتال ۾ ڊاڪٽرز ۽ عملي جي هڙتال سبب مريض رلي ويا، ڪالهه وڪيلن جي ڀڃ ڊاهه کانپوءِ ڪم شروع نه ٿيو، مريض واپس وڃڻ تي مجبور ٿي ويا، لاهور، ڪراچي ۽ ٻين ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڊاڪٽرز ۽ پي ايم اي طرفان احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن، مختلف شهرن ۾ ڊاڪٽرز ۽ پي ايم اي عملو رستن تي نڪري آيو، او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري ڪاريون پٽيون ٻڌي مظاهرا ڪيا ويا، ريليون پڻ ڪڍيون ويون، وڪيلن جي حملي جي سخت مذمت، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ پي ايم اي ۽ ڊاڪٽرز طرفان احتجاجي مظاهرا جاري آهن، خيرپور ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ڊاڪٽرز ۽ ٻئي عملي پاران احتجاج طور پنهنجي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي سول اسپتال کان ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي لاهور تي جن وڪيلن طرفان حملو ڪيو ويو انهن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. لاڙڪاڻي ۾ به لاهور ۾ وڪيلن جي دهشتگردي خلاف پي ايم اي جي عملي ۽ ڊاڪٽرز طرفان او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري سول اسپتال کان ريلي ڪڍي وئي، ريلي مختلف هنڌن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، اڳواڻن خطاب ڪيو، لاهور ۾ دل جي اسپتال تي وڪيلن جي حملي جي مذمت ڪندي ملوث وڪيلن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته لاهور ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن، واقعي ۾ ملوث وڪيلن خلاف ڪاروائي ڪري دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس هلايو وڃي.

Bookmark the permalink.