تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

پسند پرڻي جو ڊراپ سين: لاڙڪاڻي واسڻ جو مڙس تي تشدد جا الزام: ڀٽ شاهه پوليس جوڙي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

ڪجهه مهينا اڳ شهدادپور واسي فيصل رند ۽ لاڙڪاڻي واسڻ ڪشش سمون پسند پرڻو ڪيو هو

پسند پرڻي جو ڊراپ سين: لاڙڪاڻي واسڻ جو مڙس تي تشدد جا الزام: ڀٽ شاهه پوليس جوڙي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

ڀٽ شاھ (رپورٽ: راجا بوزدار) پسند پرڻي جو ڊراپ سين: لاڙڪاڻي واسڻ جو مڙس سان جهيڙو، تشدد جو الزام، پوليس جوڙي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.
لاڙڪاڻي واسي ناري ڪشش سمون شهدادپور واسي فيصل رند سان ناراض ٿي ڀٽ شاھ پهتي.
نوجوان رٺل زال پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران شهري گڏ ٿي ويا.
ناري مڙس سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪندي مٿس تشدد جا الزام لڳايا، جنهن دوران پوليس پھچي ٻنهي کي ٿاڻي تي وٺي وئي.
ناري ۽ نوجوان ڪجهه مهينا اڳ پسند پرڻو ڪيو هو، جنهن جو نوجوان تي اغوا جو ڪيس پڻ دال ٿيل آهي. ناري ڪشش سمون موجب مڙس بلاجواز تشدد ڪندو ھو، ھاڻي مان والدين وٽ وڃڻ چاھيان ٿي. پوليس موجب ناري کي عدالت ۾ پيش ڪنداسين، عدالت جيڪو فيصلو ڪندي ان تي عمل ڪيو ويندو.



Bookmark the permalink.