تازا ترين
  • پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جو قرض منظور*قرض جي رقم خصوصي بنيادن تي جاري ڪئي ويندي، 30 ڪروڙ گردشي قرضن لاءِ هوندا: ايشيائي ترقياتي بئنڪ*
  • هڪ سال ۾ رڳو پيٽروليم شين جي مد ۾ عوام کان 206 ارب 28 ڪروڙ رُپيا ٽئڪس اوڳاڙيو ويو: وفاقي سرڪار جو اعتراف*قومي اسيمبلي ۾ تيل جي اگهن بابت پيٽروليم وزارت طرفان لکت ۾ جواب جمع، اگهن ۾ 6 ڀيرا اضافو ۽ 11 ڀيرا گهٽتائي ڪرڻ جي دعويٰ*عوام کان پيٽرول تي 35 رُپيا، ڊيزل تي 45 رپيا 75 پئسا ۽ گاسليٽ تي 20 رُپيا في لٽر جي حساب سان ٽئڪس ورتو پيو وڃي: پيٽروليم وزارت*
  • تڪبندين ۽ اليڪٽورل رول ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، نيون تڪبنديون 2017ع جي آدم شماري پٽاندڙ ڪيون ويون: اليڪشن ڪميشن*سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق خلاف درخواست تي ٻڌڻي، اليڪشن ڪميشن جواب جمع ڪرايو*آبادي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق آهي، اُن بنياد تي ٿيل چونڊون ڌانڌلي سٽيل آهن: درخواستگذار*
  • ڪنڊيارو ڀرسان عورت ٻن معصوم ٻارن سوڌو شاخ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*ڪراچي واسڻ انشيلا کوسو ۽ سندس ڌيءُ فوت، لاش هٿ ڪيا ويا، مقامي ماڻهن پُٽ کي بچائي ورتو *
  • *الطاف ابراهيم قائم مقام چيف اليڪشن ڪمشنر بڻجي ويو*
  • *ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات، موسم خوشگوار، ٿڌ ۾ واڌ*

پسند جي شادي ڪرڻ تي مائٽ مارڻ گهرن ٿا: گهوٽڪي جي عدالت ۾ ناريءَ جي درخواست

گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ۾ پسند جي شادي ڪرڻ ناري لاءِ عذاب بڻجي ويو، وارث جان جا ويري بڻجي ويا، عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ ماٿيلو چوڪ گهوٽڪي جي رهواسڻ ناري ثمرين ڪلهوڙو درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته هن پنهنجي برادري جي نوجوان نظام الدين ڪلهوڙو سان پسند جي شادي ڪئي آهي، امام بخش محمد، اسماعيل ۽ ٻيا جان جا ويري بڻجي ويا آهن، جن مان مون کي ۽ منهنجي مڙس جي حياتين کي خطرو آهي، پوليس به حراسان ڪري رهي آهي، تحفظ ڏنو وڃي،گهوٽڪي جي عدالت اهڙي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ايس ايس پي گهوٽڪي ايس ايڇ او بي سيڪشن کي عدالت ۾ طلبي جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

Bookmark the permalink.