تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

پريس ڪلب ڇور جي ڪريل عمارت جي ڪنهن به سار نه لڌي

ڇور ( ن پ ا ) ھڪ مھينو اڳ برسات سبب ڪريل ڇور پريس ڪلب جي بلڊنگ لاءِ ڪنھن به سياسي سماجي سول سوسائٽي تنظيمن طرفان مدد ۽ سار نه لڌي، صحافي برادري عمارت نه ھجڻ ڪري کلي آسمان ھيٺ ويھي پنھجون ذميواريون ادا ڪرڻ تي مجبور آھن ڇور پريس ڪلب جي ميمبرن طرفان وس وارن کان پريس ڪلب جي عمارت جي مرمت لاءِ آواز بلند ڪرڻ جي اپيل ڪئي آھي ٻئي طرف ڊي سي عمرڪوٽ پاران ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر صوبائي وزير سردار شاھ صوبائي وزير نواب تيمور ٽالپر سيد امير علي شاھ جي سامھون ڪيل واعدو اڃا تائين وفا نه ٿي سگھيو جڏھن تي معلوم ٿيو آھي پريس ڪلب ڇور لاءِ ٽينٽ انتظاميا موڪليو ھو جيڪو مختيارڪار ۽ ٻيو عملو غائب ڪري ويا آھن پڇا ڪرڻ تي مختيارڪار ۽ ٻئي عملي ٻڌايو تي اسان کي مليو نه آھي.

Bookmark the permalink.