تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

پريالوءِ ۾ گندگيءَ جو آزار برقرار، شهرين جو ٽائر ساڙي احتجاج

پريالوءِ (ن پ ا): پريالوءِ ۾ گندگيءَ جو آزار برقرار، شهري ٽائون انتظاميا خلاف روڊن تي نڪري آيا. تفصيل موجب پريالوءِ شھر ۾ ٽائون عملي جي نااھلي سبب صفائي نه ٿيڻ ڪري نالين ۽ گٽرن جو گندو پاڻي شھر جي مک رستن ۽ گھٽين ۾ بيھجي ويو. ناڪو نمبر 2 جي رھواسين روڊن تي نڪري ٽائرن کي باھيون ڏئي ٽائون چيئرمين ارباب شريف الله ڌاريجي جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ رميش لال، امتياز ڪنڀر، شيفق ملڪ، ھريش ڪمار ۽ ٻين چيو ته پريالوءِ ٽائون ڪميٽي جي لکين رپيا بجيٽ ھجڻ باوجود شھر کي کنڊر بڻايو ويو آھي. ناليون اٿڻ سبب گندو پاڻي اسان جي گھرن ۾ ڪاھي پيو آھي، جنھن ڪري عذاب ۾ اچي ويا آھن. ھنن مطالبو ڪيو ته ٽائون چيئرمين کان استعيفاڏيارائي ٽائون جو وهنوار ايس ڊي ايم حوالي ڪيو وڃي. ھنن الزام ھڻندي چيو ته ٽائون ڪميٽي چيئرمين شھر جي ترقي لاءِ ايندڙ لکين رپين جي بجيٽ ھڙپ ڪئي آھي. مظاھرين الٽيميٽم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ھڪ ھفتي اندر ٽائون چيئرمين کان استيعفا نه ورتي وئي ته شھر ۾ چيئرمين ھٽايو تحريڪ ھلائي ويندي.

Bookmark the permalink.