تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

پريالوءِ واسي اغوا ٿيل ٻه دوست بازياب نه ٿيا، 30 لک ڀنگ طلب

پيرجوڳوٺ(رپورٽ بلاول جوڻيجو) پريالوءِ لڳ ڳاڙهي موري واسي تتر ڏيڻ جي بهاني سان گهرائي اغواڪيلن ٻن دوستن جي بازيابي لاءِ پوليس ڪک ڀڄي ٻيڻو نه ڪيو، ڌاڙيلن پاران وارثن کان 30 لک رپيا ڀنگ طلب وارثن پاران مدد جي اپيل رپورٽ موجب پريالوءَ لڳ ڳاڙهي موري واسي ٻن دوستن ڪاشف مهيسر ۽ فهيم احمد شيخ جي بازيابي لاءِ سکر ۽ خيرپور پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪونه ڪيو آهي جنهن سبب ٻئي مغوي دوستن جو 12 ڏينھن گذري وڃڻ جي باوجود ڌاڙيلن جي قيد ۾ يرغمال بڻايل آهن جڏهن ته مغوي نوجوانن جي گهرن ۾ مايوسي واري صورت آهي ٻنهي مغوي نوجوانن جي گهرن ۾ قرآن خواني جو سلسلو جاري آهي ان سلسلي ۾ مغوي نوجوانن وارثن شير مهيسر ۽ ٻين ٻڌايو ته 12 ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود خيرپور ۽ سکر پوليس نوجوانن جي بازيابي لاءِ ڪي به اپاءُ ڪونه ورتا آهن ۽ ٻنهي ضلعن جي پوليس حد بندي جو تڪرار حل نه ڪري سگهي آهي مغوي نوجوان جي وارثن وڌيڪ ٻڌايو ته ڌاڙيل موبائيل فون تي رابطو ڪري 30 لک رپيا ڀنگ طلب ڪندي ڌمڪي ڏني آهي ته مغوي جي بازيابي لاءِ جلد پئسا ڏيو ٻئي صورت ۾ نقصان جا ذميوار پاڻ آهيون اسان مسڪين آهيون 30 لک رپيا ڪٿان آڻيون هنن اعليٰ اختيارين ۽ وس وارن کان مغوي نوجوانن جي بازيابي ۾ مدد جي گهر ڪندي وارهر جي اپيل ڪئي آھي

Bookmark the permalink.