تازا ترين
  • *ميرپورماٿيلو: ڊسٽرڪٽ اسپتال جي انتظاميه حفاظتي ڪٽس نه مليون، ڊاڪٽرز، نرسز ۽ عملي ۾ ڪورونا جو خدشو*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن ڳوٺن ۾ آيل تبليغي جماعت جي 21 مولوين کي پوليس ٻن مسجدن ۾ بند ڪري ڇڏيو*
  • *ڪراچي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا، وائرس جي مقامي منتقليءَ جا 7 نوان ڪيس ظاهر*
  • *چونڊڪو ڀرسان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب عورت فوت*
  • *اسلام آباد: ڪورونا وائرس پکڙجڻ جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ واري درخواست رد*
  • * اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ايم ڊي سي کي فوري طور بحال ڪري آگاهه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو * سيڪريٽري صحت کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو وڃي:عدالت *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ايم ڊي سي کي عدالت حڪم باوجود بحال نه ڪرڻ خلاف توهين عدالت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس ڪيسز جو انگ 1625 ٿي ويو، 18 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا *گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 54 نوان ڪيس ظاهر، 4 ڄڻا فوت ٿيا: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر* پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ 593، سنڌ ۾ 508، خيبرپختونخواهه ۾ 195 ڪورونا جا ڪيسز ٿي ويا: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر * بلوچستان ۾ 144، اسلام آباد ۾ 51، آزاد ڪشمير ۾ 6 ۽ گلگت بلتستان ۾ 128 ڪيسز رپورٽ: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر * پاڪستان ۾ 28 ڄڻا ڪورونا وائرس مان مڪمل طور تي صحتياب ٿي ويا: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر *
  • * 34 هزار کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، سوا 7 لکن جي لڳ ڀڳ متاثر مريض*
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي تباهين جو سلسلو رڪجي نه سگهيو*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 8 ڏهاڙا گذري ويا، غريب بک مرڻ لڳا، پورهيتن جو صبر ختم، مختلف شهرن ۾ مظاهرا*
  • *کپرو: ڳوٺ ڀٽياڻي ۾ سولر پليٽ جي بيٽري مان باهه لڳڻ سبب ٽي گهر سڙي ويا * باهه لڳڻ سبب پورهيت هوتو، ڀٽو ۽ ٽيڪم اوڏ جي گهرن ۾ پيل اناج، بسترا، نياڻين جو ڏاج ۽ ٻيو ضروري سامان سڙي ويا *
  • *ٽنڊو محمد خان: هڪ شهري ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ پوليس ۽ رينجرز نصيرآباد پاڙي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو * ٽنڊومحمد خان انتظاميا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا مريض جي گهر ڀاتين جي ٽيسٽ ڪرائڻ بابت ڪو به فيصلو نه ڪيو* ڪورونا جي مريض کي حيدرآباد منتقل ڪندڙ ايمبولينس ڊرائيور کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو*

پبلڪ ٽرانسپورٽ تي پابندي باوجود 3 وينون 2 سئو مسافر کڻي عمرڪوٽ پهتيون

ڪراچي، حيدرآباد۽ ٻين شھرن کان ايندڙ ماڻھن جي سول اسپتال ٻاھران اسڪريننگ ڪئي وئي

لاڪ ڊائون باوجودمسافرکڻي ايندڙوينون تحويل۾وٺي ڊرائيور،عامرخلاف ڪيس داخل ڪيوويو

عمرڪوٽ(رپورٽ: اوي گوسوامي+ محمد علي ڪنڀر) پبلڪ ٽرانسپورٽ تي پابندي باوجود 2 سئو مسافر کڻي 3 ويگنون عمرڪوٽ ۾ داخل ٿيو، مختلف شھرن کان ايندڙ 200 کان وڌيڪ ماڻھن جي اسڪريننگ ڪئي وئي. ان ڏس ۾ سنڌ جي مختلف شھرن ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ٻين شھرن کان ايندڙ 200 کان ويندڙ ماڻھن جي سول اسپتال عمرڪوٽ ۾ قائم ڪيل آئسوليشن وارڊ جي ٻاھران اسڪريننگ ڪئي ويئي جنھن ۾ ڪنھن به مسافر کي ڪورونا وائرس جي تصديق نه ٿيڻ بعد ڇڏيو ويو جڏھن ته عمرڪوٽ ۾ لاڪ ڊائون باوجود به ڪراچي کان مسافر کڻي ايندڙ 3 مسافر وين گاڏين کي تحويل ۾ وٺي ٽن ڊرائيورن عذير محمد، حامد علوي، عامر انصاري خلاف سرڪاري مدعيت تحت ڪيس داخل ڪيو ويو ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نديم الرحمان ميمڻ عمرڪوٽ ۾ نئين تعمير ٿيندڙ ڊسٽرڪٽ ھيڊ ڪوارٽر اسپتال جو دورو ڪيو ۽ انجنيئر کي ھدايت ڪئي ته اسپتال جو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي جيئن ايمرجنسي جي صورت ۾ ڪم اچي سگھي. هوڏانهن ٿر بازار جي علائقي ذڪريا مسجد ۾ تبليغ جماعت جي 20 کان مٿي مولوين کي عمرڪوٽ ٿاڻي جي پوليس حراست ۾ وٺي سول اسپتال عمرڪوٽ وٺي آئي، جتي اسڪريننگ ڪرڻ کانپوءِ کين ڇڏيو ويو، جڏهن ته مولوين ۾ 5 پرڏيهي مولوي به شامل هئا، جن ۾ 2 سماليا ۽ 3 سوڊانا جا مولوي هئا، جن کي ذڪريا مسجد جي پيش امام حوالي ڪري پوليس پيش امام کي پابند بڻايو ته اهي ٻاهرئين ملڪن جا 5 مولوي اسان جي اجازت کان سواءِ ڪٿي به چرپر نٿا ڪري سگهن،ٻئي پاسي وڏي وزير جي لاڪ ڊائون واري اعلان کانپوءِ شهررن ميڊيڪل اسٽورن، ڪريانه دڪانن تي رش لڳائي ڇڏي ۽ کاڌي پيتي جون شيون خريد ڪرڻ لڳا، جنهن ڪري دڪاندارن شين ڪا اگھه چوٽ چاڙهي ڇڏيا، ان دوران اٽو 55 رپيا، چڻا 200، کنڊ 100 رپيا ڪلو وڪرو ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.