تازا ترين
  • ٻٽي شهريت: نااهلي واري درخواست تي فيصل واوڊا کي نوٽيس جاري*
  • محسن داوڙ ڪجهه ڪلاڪ جي حراست بعد آزاد، منظور پشتين جي ضمانت واري درخواست رد*
  • سنڌ هاءِ ڪورٽ: پوليس آفيسرن جون بدليون غيرقانوني قرار*خادم حسين ۽ ڊاڪٽر رضوان جي بدلين ۾ پوليس جي ايڪٽ جي آرٽيڪل 17 جي ڀڃڪڙي ٿي آهي:عدالت*

پاڻمرادي نوٽيس وارو مسئلو سدائين لاءِ حل ڪنداسين،اهو اختيار رڳو قومي اهميت جي معاملن ۾ استعمال ٿيندو: چيف جسٽس

سول سوسائٽي جو هڪ طبقو جڊيشل ايڪٽوزم ۾ عدم دلچسپي تي خوش نه آهي

فل ڪورٽ جي ايندڙ اجلاس ۾ سو موٽو اختيار جي استعمال بابت مسودو تيار ڪيو ويندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسه چيو آهي ته سول سوسائٽي جو هڪ طبقو جڊيشل ايڪٽوزم ۾ عدم دلچسپي تي ناخوش آهي، پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ وارو اختيار قومي معاملن تي استعمال ڪيو ويندو ۽ هن مسئلي کي هڪ ڀيرو سدائين لاءِ حل ڪيو ويندو.
سُپريم ڪورٽ ۾ نئين عدالتي سال جي شروعات جي حوالي سان تقريب ٿي، جنهن کي خطاب ڪندي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته کيس ڀلي ڀت ڄاڻ آهي ته سول سوسائٽي جو هڪ طبقو جڊيشل ايڪٽوزم ۾ عدم دلچسپي تي ناخوش آهي. اُهو ئي طبقو ڪجهه مهينا اڳ جڊيشل ايڪٽوزم تي تنقيد ڪري رهيو هو. چيف جسٽس چيو ته اسان سمجهون ٿا ته سو موٽو تي عدالت طرفان پاسو ڪرڻ وڌيڪ محفوظ ۽ گهٽ نقصانڪار آهي. معاشري جو اُهو طبقو ڪجهه ماڻهن جي مطالبي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ کي ساراهيندو آهي. اسان آئين ۽ قانون پٽاندڙ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ واري عزم تي قائم آهيون. عدالتي عمل ۾ دلچسپي رکندڙ درخواستون داخل ڪرائين، اُنهن تي فيصلو ٿيندو.
خطاب دوران چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته پنهنجي تقرير ۾ چئي چڪو آهيان ته سو موٽو (پاڻمرادي نوٽيس) وارو اختيار قومي اهميت جي معاملن تي استعمال ڪيو ويندو، جيڪو ڪنهن جي مطالبي تي ورتو وڃي، اُهو سو موٽو نوٽيس نه هوندو آهي. جڏهن ضرورت پئي ته عدالت پاڻمرادو نوٽيس وٺندي. سُپريم ڪورٽ جڊيشل ايڪٽوزم بدران عملي طور جڊيشلزم کي هٿي ڏئي رهي آهي. پنهنجي گهر کي صحيح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڻمرادي نوٽيس جي استعمال جي حوالي سان فل ڪورٽ جي ايندڙ اجلاس ۾ مسودو تيار ڪيو ويندو. هن مسئلي کي هڪ دفعو سدائين لاءِ حل ڪيو ويندو.



Bookmark the permalink.