تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

پاڪ فوج ۾ سپاهي جي ڀرتين لاءِ شيڊول تبديل: نئين تاريخ 5 ڊسمبر مقرر

سکر(بيورو رپورٽ) پاڪستان آرمي ۾ پهريون سليڪشن شيڊول پڌرو ٿي ويو، سپاهي جي خالي آساميءَ لاءِ 5 ڊسمبر نئين تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي، آرمي سليڪشن اينڊ رڪروٽمينٽ سينٽر پنوعاقل جي پڌرائي موجب پاڪستان آرمي ۾ پهريون سليڪشن شيڊول 2020 سپاهي جي خالي آساميءَ لاءِ نئين تاريخ 5 ڊسمبر 2019ع تائين مقرر ڪئي وئي آهي، خواهشمند اُميدوار جيڪي سکر گهوٽڪي، خيرپور ۽ نوشهروفيروز ضلعن سان تعلق رکندڙ هُجن قابليت مطابق پاڻ کي آن لائين رجسٽرڊ ڪرائي سگهن ٿا. وڌيڪ معلومات لاءِ سليڪشن اينڊ رڪروٽمينٽ سينٽر پنوعاقل سان رابطو ڪري سگهجي ٿو.

Bookmark the permalink.