تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

پاڪ فوج کي بدنام ڪرڻ تي 2 سال سزا تجويز: دهشتگردن جي فنڊنگ بابت ڳجهي آپريشن ۽ ڪمپيوٽرن تائين رسائي جو قانون منظور

اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي اسيمبلي ۾ ڪالهه ٻئي ڏينهن به حڪومت رولز معطل ڪرائي ايف اي ٽي ايف جي شرطن کي پورو ڪرڻ لاءِ دهشتگردي ايڪٽ 1997 ۾ ٽئين ترميم جو بل لاڳاپيل ڪاميٽي کي موڪلڻ کانسواءِ اڪثريت راءِ سان منظور ڪرائي ورتو، جڏهن ته پاڪ فوج يا ان جي ڪنهن اهلڪار کي بدنام
اڪرڻ،مذاق اڏائڻ کي ڏوهه قرار ڏيڻ لاءِ به ترميمي بل پيش ڪيو ويو جيڪو ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو، مخالف ڌر جو سيٽن تي بيهي احتجاج، گوڙ ، ان باوجود قومي اسيمبلي پاران منظور ڪيل بل پنج منٽن بعد سينيٽ ۾ به پيش ڪيو ويو تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ ٿيو ڪالهه ٻئي ڏينهن به اجلاس ۾ پارلياماني مامرن جي صلاحڪار بابر اعوان رولز معطل ڪري ايف اي ٽي ايف جي شرطن کي پورو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ هڪ بل پيش ڪرڻ سان گڏ پاڪ فوج کي بدنام ڪندڙن کي سزا ڏيڻ لاءِ بل پيش ڪرڻ جي لاءِ رولز معطل ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي ته مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين جا ميمبر سيٽن تي بيهي احتجاج ڪرڻ لڳا مخالف ڌر جا ميمبر بڪن سان ڊسڪون وڃائي احتجاج ڪندا رهيا احتجاج ۽ گوڙ ۾ رولز معطل ڪري ضمني ايجنڊا ۾ شامل ڪيل بل پيش ڪرڻ جي ايوان اڪثريت راءِ سان منظوري ڏني، جنهن بعد مخالف ڌر جي گوڙ احتجاج ۾ پي ٽي آءِ جي ڪراچي مان چونڊيل ميمبر فهيم خان ايف اي ٽي ايف جي شرطن کي پورو ڪرڻ لاءِ دهشتگردي ايڪٽ 1997 ۾ ٽئين ترميم جو بل 2020 پيش ڪيو ان بعد ان بل کي ڪاميٽي ۾ غور لاءِ موڪلڻ کانسواءِ سڌو قومي اسيمبلي مان منظور ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي وئي جنهن بعد قومي اسيمبلي جي ايوان ان بل کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو، ان بل تحت دهشتگردي ايڪٽ ۾ نئين شق 19 جي تحت جاچ جي طريقيڪار ۾ نئين ٽيڪنڪس اختيار ڪرڻ لاءِ درخواست جي عنوان سان نئين شق شامل ڪئي وئي آھي جنهن ترميم ۾ چيو ويو آھي جاچ آفيسر عدالت جي اجازت سان 60 ڏينهن اندر دهشتگردي جي فنڊنگ بابت ڳجهي جاچ( انڊرڪور آپريشن)، مواصلاتي نظام ذريعي تهه تائين پهچڻ، ڪنهن ڪمپيوٽر تائين رسائي واري ٽيڪنڪ استعمال ڪري دهشتگردي جي مالي معاونت جو پتو لڳائي سگهندو، جانچ آفيسر جي تحريري درخواست تي عدالت اهڙي جاچ لاءِ وڌيڪ 60 ڏينهن جي توسيع ڪري سگهندي عدالت لکت ۾ ڏنل درخواست ۾ ڏنل سببن يا صورتحال مان مطمئن ٿيڻ تي اهڙي توسيع جي اجازت ڏيندي وفاقي حڪومت هن منظور ٿيل شق تي عملدرآمد لاءِ طريقيڪار ۽ رولز ٺاهي سگهندي، ان بعد پي ٽي آءِ جي ميمبر امجد نيازي به ضمني ايجنڊا تحت پاڪستان پينل ڪوڊ ۽ پاڪستان ڪرمنل پروسيجر ايڪٽ ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو جيڪو لاڳاپيل ڪاميٽي ڏانهن غور لاءِ موڪليو ويو آھي پيش ڪيل ترميمي بل ۾ چيو ويو آھي ته هن بل کي ڪرمنل قانون ۾ ترميم جو بل 2020 جي نالي سان سڏيو ويندو ان ترميمي بل پاڪستان پينل ڪوڊ ايڪٽ ۾ نئين شق 500 اي شامل ڪئي وئي آھي جنهن جو عنوان پاڪ فوج جو مذاق اڏئڻ وغيره رکيو ويو آھي ان شق ۾ چيو ويو آھي ته جيڪو به هٿياربند فورسز(پاڪ فوج) يا ان جي ڪنهن ميمبر کي بدنام ڪري ٿو، مذاق اڏائي ٿو، وقار کي نقصان پهچائي ٿو ته اهو ڏوهه تصور ٿيندو اهڙي ڏوهه جي مرتڪب کي ٻن سالن تائين قيد ۽ پنج لک روپيه ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهبي جڏهن ته ڪرمنل پروسيجر ايڪٽ جي شيڊيول ٻه، ۾ به ان ترميم کي شامل ڪرڻ لاءِ ترميم شامل ڪئي وئي آھي بل جي مول ۽ متن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته هن بل جو مقصد پاڪ فوج يا ان جي ميمبر جو مذاق اڏائڻ ، بدنام ڪرڻ وارن کي سزا ڏيڻ آهي هن ترميم جو مقصد پاڪ فوج خلاف نفرت انگيز ۽ گستاخاڻي رويي جو ازالو ڪرڻ آھي، پاڪ فوج جي اداري جي ساک کي متاثر ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪاروائي ٿيڻ گهرجي، قومي اسيمبلي مان منظور ٿيڻ بعد دهشتگري ايڪٽ ۾ ترميم جو ٽئين ترميم جو بل سينيٽ ۾ به پيش ڪرڻ جي اجازت گهري وئي ته پ پ جي ميان رضارباني چيو ته قومي اسيمبلي ۾ هن بل کي بلڊوز ڪري نوانوي سيڪينڊن ۾ منظور ڪرايو ويو هي بل پنج منٽ اڳ قومي اسيمبلي پاس ڪيو قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ايتري جلدي ڪيئن سينٽ کي موڪلڻ جو ڪم ڪيو پارليامينٽ کي ائين بي توقير نه ڪيو وڃي هن چيو ته گذريل اجلاس ۾ چيو ويو ته اگر ايف اي ٽي ايف جا بل منظور نه ٿيا ته مسئلو ٿيندو 10 ڏينهن گذري ويا آھن پر گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس نه طلب ٿيو آھي، جي يو آءِ جي مولانه عطاءِ الرحمان چيو ته پارليامينٽ جي عزت توقير آھي ڇو قوم جي ڪنڌ تي ڇري ڦيري پئي وڃي توهان پاڪستان جي حفاظت نه پر ذبح ڪري رهيا آھيو ان بعد دهشتگردي ايڪٽ ۾ ٽئين ترميم جو بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو جنهن کي ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو آھي جڏهن ته ان کان اڳ سومر ڏينهن تي قومي اسيمبلي پاران ايف اي ٽي ايف جي شرطن کي پورو ڪرڻءِلاءِ منظور ڪيل ڪوآپريٽوسوسائيٽي ترميمي بل به سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو جنهن کي به ڪاميٽي کي غور لاءِ اماڻيو ويو آھي.

Bookmark the permalink.