تازا ترين
  • صدر جي ڀٽيون:ڳوٺ بودلي مهيسر ۾ پيءُ پاران ڌيءِ کي مبينا طور جوا ۾ هارائڻ جو انڪشاف*ناري ليلم ڪلهوڙو کي جوا ۾ هارائڻ بعد نوجوان مرتضي انڙ سان شادي ڪرائي وئي*منهنجي ڀيڻيوي پنهنجي نياڻي کي جوا ۾ هارائي نوجوان مرتضيٰ انڙ سان پرڻائي ڇڏيو:ناري جو مامو*ناري ليلم ڪلهوڙو کي جلد هٿ ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو:پوليس*
  • پي ٽي آءِ وارن جي ڪرپشن بابت سوال اٿاريا،ٽن ڏينهن تائين جواب نه ملي سگهيو آهي:بلاول ڀٽو*عمران خان ۽ سندس فرنٽ مين ڪي اليڪٽرڪ جي ڪرپشن کي تحفظ ڏئي رهيا آهن:بلاول ڀٽو*پريس ڪانفرنس ۾ عمران خان جي ڀيڻ جي ڪرپشن بابت معاملو اٿاريو پر جواب ناهي مليو:بلاول ڀٽو زرداري*عمران خان ۽ سندس وزير بي آر ٽي منصوبي ۾ ٿيل ڪرپشن ۾ ملوث آهن:بلاول ڀٽو زرداري جو ٽوئيٽ*حڪمرانن جي ڪرپشن بابت سوال اٿاريا، پر نيب ۽ عدالتون مڪمل خاموش آهن:بلاول ڀٽو زرداري*مون پريس ڪانفرنس ۾ابراج گروپ جي رپورٽ ڏيکاري پر ان جو جواب ناهي مليو:بلاول*
  • *ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي معصوم ٻارڙن جي مرڻ وارو سلسلو بند نه ٿي سگهيو *سول اسپتال مٺي ۾ اڄ وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت *ٿر ۾ هلندڙ مهيني دوران فوتي ٻارڙن جو انگ 26 ۽ هلندڙ سال505 ٿي ويو*
  • *هالا جي بس اسٽاپ جي علائقي واسين جو حيسڪو زيادتين خلاف احتجاج *هالا: اٺن ڏينهن کان علائقي ۾ بجلي جي نه هجڻ تي علائقي واسي ۽ دڪاندار روڊن تي نڪري آيا *حيسڪو خلاف احتجاج ڪندڙن پاران مين روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏيندي روڊ بلاڪ*
  • *ڄامشورو: شورا ڳوٺ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي زمين تي مبينا قبضي جي ڪوشش *سنڌ يونيورسٽي جو عملو ڪم بند ڪرائڻ لاءِ پهتو ته بااثرن حملو ڪيو: مئنيجر اسٽيٽ رفيق بروهي *بااثرن جي حملي ۾ يونيورسٽي جا2 ملازم پيارو ڏاهاڻي ۽ گل محمد ڏاهاڻي تي زخمي ٿي پيا: مئنيجر اسٽيٽ *منهنجو ننڍڙو پٽ گهر ٻاهران بيٺو هو ته رفيق بروهي ۽ سندس گارڊ تشدد ڪيو: رستم جوڻيجو *يونيورسٽي جي زمين تي قبضي خلاف سوٽا ۽ سيوا تنظيمن طرفان احتجاج *
  • *سڪرنڊ: مختلف شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ، آبادگارن جو ايريگيشن آفيس اڳيان احتجاج *احتجاج دوران گرمي سبب هڪ آبادگار بيهوش ٿي ويو، اسپتال منتقل *آبادگارن ايريگيشن آفيسر جي ڪرسي تي پوتي ۽ ٽيبل تي چوڙيون رکي نعريبازي ڪئي *شهباز شاخ، راهب شاهه شاخ ۽ سڪرنڊ شاخ ۾ پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي: آبادگار *
  • *شاھپورچاڪر: رورل هيلٿ سينٽر ۾ جو هڪ ٻيو ملازم ڪورونا جو شڪار *رورل هيلٿ سينٽر جي ليب اسسٽنٽ جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي، گهر ۾ آئيسوليٽ *شاهپورچاڪر ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ وڌي 11 ٿي ويو *
  • *دولتپور صفن ۾ رولو ڪتن جو آزار، 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ مٺا خان جوکيو ۾ ھڪ ئي 8 ڄڻن کي ڪتي ڏاڙھي زخمي ڪيو، اسپتال منتقل*
  • *ملير: قائد آباد پل تي ڪوچ ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، هڪ زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 28 ورهين جي وسيم پٽ ناصر طور ٿي *
  • *جھول ۾ بدامني خلاف ٿاڻي آڏو سول سوسائٽي جو احتجاج *چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *دوڙ تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 9 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 150 ٿي ويو: فوڪل پرسن *متاثرن کي پنهنجي گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو پيو وڃي: فوڪل پرسن *
  • *نصيرآباد: ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صحت کاتي پاران ماڻهن جا سيمپلز وٺڻ وارو عمل جاري *شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ صحت کاتي جي ٽيم 200کان وڌيڪ ماڻهن جا سيمپلز ورتا *رپورٽس ڪجهه ڏينهن اندر اينديون: صحت کاتو *
  • *سانگهڙ: اينٽي ڪرپشن ٽيم جو يونين ڪائونسل هٿونگو جي آفيس تي ڇاپو *اينٽي ڪرپشن ٽيم يوسي هٿونگو جي چيئرمين ۽ سيڪريٽري جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو *
  • *ڄام صاحب: ڪورونا جا 4ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *متاثرن ۾ 2 پوليس اھلڪار به شامل *
  • *ننگرپارڪر ويجهو نوجوان جو لاش هٿ *ڳوٺ خانپور ۾21 ورهين جي ھريش پٽ ڪٽيو ڪولھي جو لاش ھٿ *نوجوان کي پيٽ ۾ چاقو لڳل آهي: پوليس *پٽ رات ماني کائي 3 دوستن سان گڏ نڪتو ھو، صبح جو لاش مليو آھي: پيءُ *پٽ کي قتل ڪيو ويو آھي، انصاف ڪيو وڃي: ڪٽيو ڪولھي *

پاڪ-انگلينڊ ٽيسٽ سيريز: اڻپورين تيارين باوجود ٽيم ڪامياب ٿيندي: مصباح الحق

لنڊن(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق انگلينڊ جي دوري جي تيارين ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي پر انگلينڊ خلاف 3 ٽيسٽ ميچن کي نظر رکندي کيس تياريون اڻپوريون نظر اچي رهيون آهن. ڪپتان اظهر علي ۽ سندس اسڪواڊ لاءِ سڀ کان وڏو چيلينج کي منهن ڏيڻو پوندو ته ڪورونا بعد ڪرڪيٽ ۾ ڪهڙي تبديلي اچي ٿي، ٿڪ سان بال چمڪائڻ تي به پابندي هوندي، تماشائي به اسٽيڊيم ۾ موجود نه هوندا. انگلينڊ ٽيم پاڪستان کان بهتر طريقي سان نين تبديلين ۾ پاڻ کي تيار ڪري ورتو آهي پر پاڪستان کي انهن مامرن جو اڃا تائين پتو ئي ناهي، جنهن ڪري قومي ٽيم کي ڏکيائيون پيش اينديون. اها ڳالهه به نه وسارڻ گهرجي ته انگلينڊ جي ٽيم هوم گرائونڊ تي 2014ع بعد ڪنهن به ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست ناهي کاڌي، پاڪستان جا نوجوان رانديگر انگلينڊ جي مقابلي ۾ ناتجربيڪار محسوس ٿيندو آهي. خابرو اداري سان ڳالهائيندي مصباح الحق چيو ته انگلينڊ جي نسبت اسان گهٽ تياريون ڪيون آهن، پرعزم آهيون ته پاڪستاني ٽيم بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندي ۽ انگلينڊ جي ڪاميابي جي تسلسل کي ٽوڙي نئون رڪارڊ قائم ڪندي.

Bookmark the permalink.