تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

پاڪستان ڀارت آمريڪا ورڪنگ گروپ اجلاس جي پڌرائي رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت جو جارحاڻو رويو سڄي ڏکڻ ايشيائي خطي جي امن کي سخت خطرن ڏانهن ڌڪي رهيو آهي، عالمي برادري کي ڀارت تي زور ڏيڻ گهرجي ته هو خطي جي امن ۽ استحڪام  جي خلاف روش اختيار ڪرڻ کان پاسو ڪري، پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ ڀارت ۽ آمريڪا جي 17هين دهشتگردي جي انت واري گڏيل ورڪنگ گروپ جي پڌرائي تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته 17هين اجلاس جي پڌرائي ۾ کي سختي سان رد ڪجي ٿو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته اسان ان حوالي سان پنهنجا خدشا آمريڪي لاڳاپيل اختيارين تائين پهچائي ڇڏيا، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سمورا شريڪ ملڪ ڏکڻ ايشيائي خطي جي امن امان سان سلهاڙيل مسئلن جو ذڪر، زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي ڪن. هن چيو ته عالمي برادري ان حقيقت کان سٺي ريت باخبر آهي ته پاڪستان ڀارت جي پٺڀرائي ۽ سهڪار سان سرحد پار کان ٿيندڙ دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي، عالمي برادري پاڪستان جي دهشتگردي جي خلاف ڪيل ڪاوشن، قربانين ۽ انهن جي نتيجي ۾ حاصل ٿيندڙ ڪاميابين کي قبول ڪري چڪو آهي.

Bookmark the permalink.