تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جو قرض منظور

قرض جي رقم خصوصي بنيادن تي جاري ڪئي ويندي، 30 ڪروڙ گردشي قرضن لاءِ هوندا: ايشيائي ترقياتي بئنڪ

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جو قرض منظور ڪري ورتو آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي پڌرائي موجب بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي اجلاس ۾ پاڪستان لاءِ قرض جي منظوري ڏني وئي، هاڻي پاڪستان کي خصوصي بُنيادن تي قرض جي رقم فوري مهيا ڪئي ويندي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته 2018ع جي وچ واري عرصي ۾ پيدا ٿيل مالي خرابين جي استحڪام لاءِ پاڪستان کي قرض جاري ڪيو پيو وڃي، پاليسي بيس قرض آءِ ايم ايف جي سربراهي ۾ ملٽي ڊونر ريفارم پروگرام جو حصو آهي، پاڪستان جي معيشت کي بحال ڪيو ويو آهي ۽ اُن کي هڪ ارب ڊالرز فنانسنگ جي ضرورت آهي، جڏهن ته 30 ڪروڙ ڊالرز توانائي جي شعبي ۾ گردشي قرض جي ادائگي لاءِ ڏنا ويندا.



Bookmark the permalink.