تازا ترين
  • ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي فيبروري تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو *
  • *وفاقي حڪومت آرڊيننس پاڻ واپس نه ورتو ته سينيٽ ۾ اُن کي رد ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت به آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي: وڏو وزير*
  • *وفاقي سرڪار طرفان ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطا جاري رهڻ جي دعويٰ*
  • *ڪراچي واقعي ۾ جعلي حڪومت صوبائي خودمختياري سوڌو پاڻ تي به حملو ڪيو آهي: مريم نواز*

پاڪستاني ڊرامن ۾ “افيئرز” کانسواءِ ڪجهه نٿو ڏيکاريو وڃي: ثمينه علوي

ملڪي ڊراما ڏسي ڊپريشن ٿئي ٿو، انهن ۾ ڪا به ڍنگ جي شئي نٿي ڏيکاري وڃي

جيڪو ڊرامن ۾ ڏيکاريو ويندو، ٻار به ائين ئي ڪندا: خاتون اول

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) صدر مملڪت عارف علوي جي زال خاتون اول ثمينه علوي پاڪستاني ڊرامن ۾ هڪ جهڙا ئي غير مهذب موضوع ڏيکارڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪي ڊرامن ۾ غلط شين کانسواءِ ڪجهه نٿو ڏيکاريو وڃي. خاتون اول اعتراف ڪيو ته هو هڪ جهڙن ئي ولگر موضعن سبب پاڪستاني ڊراما گهٽ ڏسي ٿي ڇو ته انهن ۾ افيئرز ۽ غلط شين کانسواءِ ڪجهه نٿو ڏيکاريو وڃي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب هن هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته کيس پاڪستاني ڊراما ڏسڻ سان ڊپريسن ٿي وڃي ٿو ته ڇو ته انهن ۾ ڪا به ڍنگ جي شئي نٿي ڏيکاري وڃي. صدر مملڪت جي زال موجب پاڪستاني ڊرامن ۾ ڪو به تعميري ڪم نٿو ڪيو وڃي ۽ اهڙي مسئلي تي ڪجهه ٽي وي شخصيتن سان ڳالهايو به جن کيس ٻڌايو ته ولگر ۽ بولڊ موضوع تي ٺهندڙ ڊرامن جي ئي ريٽنگ اچي ٿي. خاتون اول جو چوڻ هو ته ڊرامن ۾ غلط شيون ڏيکارڻ سبب ئي اڄ ڪلهه ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون غلط ڪم ڪري رهيون آهن هن ان جي وڌيڪ وضاحت نه ڪئي. بيگم ثمينه علوي موجب ڊرامن ۾ جهڙي ريت شيون ڏيکاريون وينديون، ٻار ائين ئي ڪندا، ان لاءِ ڊرامن جا موضوع تبديل ٿيڻ گهرجن ۽ انهن کي تعميري ٿيڻ گهرجي. هن ملڪ ۾ نئين نسل ۾ منشيات جي استعمال کي به ڊرامن سان جوڙيندي چيو ته اهو ئي سبب آهي جو منشيات جو استعمال وڌي رهيو آهي. هن ترڪ ڊرامي ديريليش ارطغرل جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته اهو سٺو ڊرامو آهي ان ۾ ڪا به غير مهذب شئي ناهي.

Bookmark the permalink.