تازا ترين
  • ناليوارو اديب، تاريخدان ۽ دانشور عطا محمد ڀنڀرو 90 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو*
  • حيدرآباد: اسپيشل برانچ جو انسپيڪٽر راڻا شفيق ڪورونا ۾ وٺجي ويو*
  • *جهاز سانحو: فوت ٿيل نينگري ناديا خاصخيلي جي ماءُ کي 10 لک رپيا ڏنا ويا *زخمي ٿيل مائره ۽ عزيزان کي پڻ پنج پنج لک روپيا ڏنا ويا آهن: حليم عادل شيخ *
  • *ڊکڻ: ڳوٺ ڇٽي ڊرٻ جي بس اسٽاپ وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ 10 ورهين جو توفيق اوڍو فوت *
  • *دادو ۾ رولو ڪتن 6 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو *ٻن ڀائرن حفيظ ۽ ادريس جتوئي سميت 6 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *سنڌ هاءِ پاران لاڪ ڊائون دوران اسڪولن جي فيس ۾ 20 سيڪڙو رعايت برقرار *رعايت جو طريقيڪار واضح ڪرڻ جي لاءِ ڌرين کي مشاورت ڪرڻ جي هدايت *جيڪي 80 سيڪڙو فيس ادا ڪري سگهن ٿا انهن لاءِ 20 سيڪڙو فيس مسئلو ناهي: عدالت *
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن نينگر سميت 2 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *زخمي 7ورھين جي حاجي ۽ پيرسن ھاشم کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *جمال شاهه ۾ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا، وڻ، فصل ۽ سبزيون کائي چٽ ڪري ڇڏيون *ماڪڙ جا جنتر، جوئر، وونئڻن جي فصلن، ليمن ۽ ڪيلن جي باغن تي حملا جاري *قرض کڻي فصل پوکيا، ماڪڙ سبب لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: آبادگار *
  • *صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار پنجون جوابدار ڪنڊيارو جي عدالت ۾ پيش *سڃاڻپ پريڊ کانپوءِ جوابدار ذوالفقار عرف بگو سهتو 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي *
  • *اخبارن ۽ ڪيبل ٽي وي چئنلز تي به قرضي آبادگارن جا اشتهار هلائڻ جي به هدايت*
  • *کدڙا فقير ڊفالٽرز جي گهرن ۾ وڃي سندن نالا وٺن: سمورين برانچز کي ليٽر جاري*
  • *زرعي ترقياتي بئنڪ ڪورونا باوجود ننڍن آبادگارن جي پويان پئجي وئي، آبادگارن کان قرض اوڳاڙي لاءِ کدڙن فقيرن کان خدمتون وٺڻ جو فيصلو*
  • *لاڙڪاڻو: تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ انڌي موري وٽ مبينا پوليس مقابلو *لاڙڪاڻو: پوليس پاران ٽن ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڪيل ڏوهارين وٽان 2 رپيٽر ۽ ھڪ ڊبل بيرل بندوق ھٿ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڏوهاري سنگين ڪيسن ۾ گهربل ھئا: پوليس *
  • *پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٽئين ڏينهن به عوام کي رليف نه ملي سگهيو، ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول ناياب*
  • *پير وسڻ ڀرسان ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، مختيار ميرجت فوت ٿي ويو*

پاڪستانين جي محبت ڏسي “حليمان سلطان” پاڪستان اچڻ لاءِ بي چين

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) جڳ مشهور ترڪش سيريز ديريليش ارطغرل يا ارطغرل غازي ۾ مسلمان سپاهه سالارا ارطغرل جي زال حليما سلطان جو ڪردار ادا ڪندڙ اسرا بلجيڪ پاڪستان اچڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي اسرا جي پاڪستاني مداح سندس پوسٽس تي رد عمل ڏئي سندس ڪم جي واکاڻ ڪئي هئي. اسرا جي تصديق ٿيل اڪائونٽ تي هڪ پاڪستاني مداح کيس ارطغرل غازي جي پاڪستان ۾ مقبوليت جي حوالي سان ٻڌايو ۽ لکيو ته پاڪستان ۾ سيريز سڀ شوق سان ڏسي رهيا آهن. هن اسرا کي ان ڳالهه کان به آگاهه ڪيو ته پاڪستان ۾ هن سيريز مقبوليت جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. اسرا پاڪستاني مداحن جي محبت جي پيغامن تي جواب ۾ پاڪستان اچڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي. اسرا جواب ۾ لکيو ته هو پاڪستان مان مليل محبت تي ٿورائتي آهي. ارطغرل غازي ۾ حليمه سلطان جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا لکيو ته هو پرجوش آهي ته پاڪستان جو دورو ڪري ۽ اتي موجود پنهنجي مداحن سان ملاقات ڪري. پنهنجي پيغام ۾ هن لکيو ته پنهنجو بي حد خيال رکو، خوش، پرامن ۽ صحتمند رهو. عائشه بٽ نالي صارف جي جواب ۾ اسرا سڀني پاڪستانين لاءِ محبت جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي سرڪاري ٽي وي چينل تي پهرين رمضان کان اردو ۾ نشر ڪيل ترڪش سيريز پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبول ٿي رهي آهي.

Bookmark the permalink.