تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

پاڪستان، ڀارت ۽ ٻين ملڪ ۾ پاڻي لاءِ “جهيڙا” ٿيڻ جو خدشو

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان، ڀارت، ايران، نائيجيريا، عراق، مالي ۽ ٻين ملڪن ۾ پاڻي لاءِ جهيڙا ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، هڪ جديد ايپ ٺاهيندڙن موجب مستقبل ۾ پاڻي جي اڻاٺ ٿيندي جنهن ڪري فساد جنم وٺندا. بي بي سي موجب عالمي آبي ذخيرن بابت اداري واٽر پيس اينڊ سيڪيورٽي جي سهڪار سان اها ايپ ٺاهي وئي آهي، اداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان، ايران ۽ نائجيريا ۾ هڪ سال جي عرصي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ ان جو سبب پاڻي جي کوٽ هوندو، اداري موجب آب و هوا ۾ تبديلي، وڌندڙ آبادي، تيزي سان ڦهلجندڙ شهر، معاشي ترقي ۽ وڌندڙ زراعت سبب پاڻي جو محدود ذخيرن تي زور وڌي رهيو آهي، اداري جو چوڻ آهي ته نئين ٺاهيل ايپ سان حڪومتن ۽ قدرتي آفتن جي صورت ۾ امداد فراهم ڪندڙ ادارن کي وقت کان اڳ خطرن کان خبردار ڪرڻ ۽ خطرن جو تدارڪ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. واٽر اينڊ پيس سيڪيورٽي جي شريڪ اداري “انٽرنيشنل الرٽ” جي اهلڪار جيسڪا هارٽوگ جو چوڻ آهي ته هي ايپ ان ڪري به اهم آهي ته دنيا ۾ پاڻي جي دستيابي تي ڇڪتاڻ وڌڻ جا خطرا وڌي رهيا آهن، ايپ ذريعي خطرن کان آگاهي ڏئي انساني جانين کي بچائي سگهجي ٿو. واٽر اينڊ پيس سيڪيورٽي گلوب ارلي وارنگ ٽول ۾ “مشين لرنگ” جو طريقو استعمال ٿيندو آهي، جنهن ۾ ماضي جو رڪارڊ شامل هوند وآهي، آبادي جا انگ اکر، ڏڪار جي صورتحال به هوندي آهي، جڏهن ته ان ايپ کي مالي ۾ تجرباتي طور استعمال ڪيو ويو جتي پاڻي جي اڻاٺ سبب ڇڪتاڻ واري صورتحال ڏٺي وئي، مالي جي حڪومت ۽ سول سوسائٽي کي خطرن کان آگاهي ڏيندي ڊيٽا پڻ شيئر ڪئي وئي، جڏهن ته عراق ۾ پڻ اهڙي ڳالهه جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي، بصره ۾ پاڻي وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي، گذريل سال صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي پيئڻ سبب هڪ لک 20 هزار ماڻهو اسپتال ڀيڙا ٿيا.



Bookmark the permalink.