تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

پاپوليشن کاتي کي صحت کاتي ۾ ضم ڪرڻ خلاف شهرن ۾ احتجاج

ڪراچي(نمائندن وٽان) پاپوليشن ويلفئير کاتي کي صحت کاتي ۾ ضم ڪري اين جي اوز حوالي ڪرڻ ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ مختلف شهرن ۾ پاپوليشن کاتي جي ملازمن پاران احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون ويون ان ڏس ۾ حيدرآباد ۾ عاشق ڀنگر، اسلم ڀٽي، شبير ملاح، دادو ۾ يونس اتيرو، شفيع محمد سومرو، اڪبر ملاح، نوابشاهه ۾محمد لقمان ٻگھيو، شمس الدين ھوت، محمد سعيد، امجد بروهي، مس جوزفين، وحيده دائود، رقيه جمالي، نسرين رياض، شبانه فاروق، فدا زرداري نور عالم لاشاري، ڀرياسٽي ۾ ذاڪر مراد ابڙو، منظور کوسو، ابراهيم خاصخيلي، بيگم مختيار عباسي۽ مسمات شينا، قمبر شھدادڪوٽ ۾ امام الدين بگٽي، نسيم رند، انيلا هڪڙو، لاڙڪاڻي ۾ پيرل دايو، شريف عمراڻي، قطب الدين راجپوت، عامر رضا کيڙو، محمد صابر عباسي، طاهر عباسي، يوسف ڪوريجو، طارق ڀٽو، شرافت ابڙو، ارشاد مسز مغل، شبنم جوڻيجو، رضيه جلباڻي، بشيران پنهور، گهوٽڪي ۾ گل حسن مهر، بشيران ملڪ، زرينه مهر، سعيده، شهزادو جهڪ، عبدالباسط لاکو، بشير احمد لاشاري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ملازمن جا مسئلا حل ڪري کاتي ۾ بهتري آندي وڃي جڏهن ته کاتي کي صحت کاتي ۾ ضم ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي ملازمن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سندن احتجاج جاري رهندو.

Bookmark the permalink.