تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

پارڪ لين ريفرنس: آصف زرداري تي فرد جرم لاڳو نه ٿيو، احتساب عدالت جو جج موڪل تي هجڻ تي ڪارروائي ملتوي

عدالت پارڪ لين ريفرنس ۾ جوابدارن کي اڄ طلب ڪيو هو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدرآصف علي زرداري تي پارڪ لين ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، احتساب عدالت جي جج جي موڪل سبب ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي. اسلام آباد جي احتساب عدالت اڄ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ عدالتي ڪارروائي مڪمل ڪرڻي هئي ۽ عدالت ان سلسلي ۾ پارڪ لين ريفرنس جي جوابدارن کي به اڄ طلب ڪيو هو. آصف علي زرداري طرفان سندس وڪيل لطيف کوسا عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته جج جي موڪل هجڻ سبب ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪئي وئي ۽ فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪارروائي جي تاريخ 27 اپريل رکي وئي. آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت ٻين جوابدارن خلاف مني لانڊرنگ ۽ نقلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس جون ٻڌڻيون به 27 اپريل تائين ملتوي ڪيون ويون.

Bookmark the permalink.