تازا ترين
  • *گمبٽ: گمس اسپتال ۾ غلط ڪئنولا سبب عورت مسمات نجمه ڪوري جو خراب ٿي ويل هٿ ڪينسر جي خدشي سبب ڪٽيو ويو، الزام هيٺ آيل نرس خلاف ڪارروائي نه ٿي * گمبٽ: مسمات نجمه ڪوري جو هٿ ڪٽيو ويو آهي پر انصاف ناهي مليو: عورت جا وارث * گمبٽ: جاچ ڪيون پيا، غلفت ڪندڙ نرس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي: گمس انتظاميه *
  • *ميرپورخاص ۾ عدالتي ڇاپو: ٿاڻي تي زنجيرن سان ٻڌل شهري بهادر علي بازياب*
  • *اسلام آباد: کنڊ جا اگهه ڇو وڌيا؟ وزيراعظم عمران خان پاران کنڊ جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم * اسلام آباد: ڪميٽي ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ آءِ بي جو نمائندو شامل هوندو *
  • *راڄو خاناڻي ڀرسان 55 ورهين جي پيرسن محمد بچل ڪوري وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي*
  • سنڌ سرڪار ڪي سي آر جي بحاليءَ لاءِ نقشو پيش ڪري ڇڏيو*ايندڙ ٻڌڻيءَ تي وري نقشو ٻيو هوندو (چيف جسٽس) نه سر! ساڳيو ئي هوندو: اي جي سنڌ*
  • سوچي ڳالهايو، هتان جيل موڪلي سگهون ٿا، ٻارن وانگر لڳا پيا آهيو ته هي ڪنداسين، هو ڪنداسين: سُپريم ڪورٽ جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ*سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلوي پيش*لکي ڏيو ته نٿو ٿي سگهي ته جيئن قصو ئي ختم ٿئي، توهان جي ڪهاڻي سنڌ حڪومت هڪ سال اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي: چيف جسٽس جا ريمارڪس*

پارليامينٽ ۾ غيراخلاقي ٻولي ڳالهائڻ تي شوبز انڊسٽري کي به ڪاوڙ، مهوش حيات پاران سخت تنقيد

مهوش حيات عبدالقادر پٽيل جي تقرير جا وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيا

سياستدانن پاران پارلياماني فلور تي هڪ ٻئي مٿان ذاتي حملا ڪرڻ تي افسوس ٿيو: مهوش

ڪراچي(شوبز نيوز)پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات قومي اسيمبلي ۾ سياستدانن طرفان استعمال ڪيل غيراخلاقي زبان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ميمبر عبدالقادر پٽيل غير اخلاقي زبان استعمال ڪئي. مهوش حيات قومي اسيمبلي جي اجلاس جي هڪ مختصر وڊيو ڪلپ شيئر ڪندي سياستدانن ۽ وزيرن طرفان پارليامينٽ ۾ غيراخلاقي زبان استعمال ڪرڻ ۽ پارليامينٽ جو تقدس پامال ڪرڻ تي ڪاوڙ ۽ حيرت جو اظهار ڪيو.مهوش حيات ٽوئٽر تي لکيو ته اهو ڏسي حيرت ٿي آهي ته جڏهن اسان جا سياستدان هڪ ٻئي تي اهڙي طرح جا ذاتي حملا ڪندا آهن. اهو ڪٿي به قابل قبول ناهي. پارليامينٽ جي تقدس کي برقرار رکڻ جي لاءِ هڪ حد هوندي آهي. پر هتي ته هن حد کي به پار ڪيو ويو آهي.پنهنجي ڳالهه چوڻ جا ٻيا به بهتر طريقا هوندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته مستقبل ۾ ان حوالي سان مناسب قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

Bookmark the permalink.