تازا ترين
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

پارليامينٽ ۽ حڪومت تي ڇڏيون ٿا ته 6 مهينن ۾قانونسازي ڪري: سُپريم ڪورٽ آرمي چيف جي مُدي ۾ واڌ قانونسازي سان مشروط ڪري ڇڏي

آرمي چيف جي ٻيهر مقرري تي قانون خاموش آهي، 6 مهينن ۾ قانونسازي کانپوءِ مامري کي وڌيڪ ڏٺو ويندو: سُپريم ڪورٽ جو مختصر فيصلو

عدالت ۾ آرمي چيف جي ٻيهر مقرري کي چئلينج ڪيو ويو، حڪومت آرٽيڪل 243 تي ڀاڙي رهي آهي: عدالت عظميٰ جو فيصلي ۾ اظهار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ 6 مهينن تائين توسيع پارليامينٽ ۾ قانونسازي سان مشروط ڪري ڇڏي آهي. سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته هاڻي هي مامرو حڪومت ۽ پارليامينٽ تي ڇڏيون ٿا. سُپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 3 رُڪني بئنچ وقفي کانپوءِ ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اٽارني جنرل انور منصور ۽ آرمي چيف جي وڪيل فروغ نسيم پيش ٿي حلف ناما جمع ڪرايا.
حڪومت آرٽيڪل 243 تي ڀاڙي رهي آهي
ٻڌڻيءَ کانپوءِ سُپريم ڪورٽ مختصر فيصلو جاري ڪيو ۽ چيو ته تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو. فيصلي ۾ سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته عدالت جي اڳيان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ وارو مامرو آيو، آرمي چيف جي مقرري کي چئلينج ڪيو ويو هو. عدالت جي اڳيان آئين جي آرٽيڪل 243 جو مامرو آيو ۽ حڪومت آرمي چيف جي مقرريءَ ۾ آرٽيڪل 243 تي ڀاڙي رهي آهي.
قانونسازي جو مامرو پارليامينٽ تي ڇڏيو آهي
سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته آرمي چيف جي ٻيهر مقرري واري مامري تي قانون خاموش آهي، اسان هي مامرو حڪومت ۽ پارليامينٽ تي ڇڏيو آهي، آرمي چيف جي مقرري 6 مهينن لاءِ هوندي ۽ اُنهي عرصي ۾ قانون ٺهڻ کانپوءِ مامرو کي وڌيڪ ڏٺو ويندو.



Bookmark the permalink.