تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

پارليامينٽ گڏيل اجلاس ۾ حڪومت اڪثريت ڏيکارڻ۾ڪامياب:اينٽي مني لانڊرنگ ترميمي بل ۽ وقف ملڪيتن بابت بل منظور:اپوزيشن جو واڪ آئوٽ

اپوزيشن جون سموريون ترميمون رد، وقف ملڪيتن بل جَي حق ۾ 200 ۽ مخالفت ۾ 190 ووٽ پيا: اپوزيشن جو احتجاج، گو اسپيڪر گو جا نعرا

اپوزيشن جِي غير موجودگي ۾ پيش ڪيل سرونگ اينڊ ميپنگ ترميمي بل 2020 به منظور: شهباز شريف ۽ بلاول کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملي

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) ٻنهي ايوانن ۾ حڪومت کان 10 ووٽ وڌيڪ هئڻ باوجود اپوزيشن بلز جِي منظوري روڪرائڻ ۾ ناڪام ۽ حڪومت پنهنجِي اڪثريت ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، حڪومت اپوزيشن جَي گوڙ ۽ احتجاج باوجود اينٽي مني لانڊرنگ ترميمي بل 2020 ۽ اسلام آباد وقف ملڪيتن بل 2020 سميت 5 بل ايوان مان اڪثريت راءِ سان منظور ڪرائي ورتا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ پارليامنيٽ جو گڏيل اجلاس ٿيو ، اجلاس ۾ اينٽي مني لانڊرنگ ترميمي بل ۽ اسلام آباد وقف ملڪيتن بل 2020 سميت پنجن بلن جي حق ۾ 200 ۽ مخالفت ۾ 190 ووٽ پيا. پارليامنيٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اپوزيشن ميمبرن ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي اسپيڪر ڏانهن اڇلايون ۽ گوڙ ڪرڻ بعد ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. اپوزيشن ميمبرن اسپيڪر جي ڊائس آڏو احتجاج ڪيو ، اسد قيصر کين ويهڻ جون هدايتون ڏيندو رهيو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اينٽي مني لانڊرنگ ٽرميمي بل 2020، دهشتگردي جي روڪٿام جون ٽيون ترميمي بل 2020، اسلام آباد وقف ملڪيتن بل 2020 ، سروي اينڊ ميپنگ ترميمي بل 2020 ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيا ويا. پارلياماني معاملن جي صلاحڪار بابر اعواڻ ايوان ۾ بل پيش ڪيا، بابر اعواڻ جي بل پيش ڪرڻ تي پ پ جي سينٽر رضا رباني اعتراض ڪندي چيو ته بابر اعواڻ، وزيراعظم جو صلاحڪار آهي، انڪري هو تحريڪ پيش نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته پارلياماني معاملن جو انچارج وزيراعظم عمران خان پاڻ آهي، عدالتي فيصلن موجب صلاحڪار ۽ خاص معاون وزيراعظم کي صرف مشورا ڏئي سگهن ٿا. رضا رباني چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ واضع لکيل آهي ته صلاحڪار پارليامينٽ ۾ ويهي سگهي ٿو پر ووٽ داخل نٿو ڪري سگهي. وفاقي وزير فروغ نسيم جواب ڏيندي چيو ته صلاحڪارن ۽ خصوصي معاونن تي رڳو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ تي پابندي آهي. اجلاس ۾ اينٽي مني لانڊرنگ ٽرميمي بل جي منظوري جو عمل شروع ٿيو ته بابر اعواڻ ۽ مليڪه بخاري جي پيش ڪيل شقن کي منظور ڪيو ويو جڏهن ته اپوزيشن جي ترميمن کي رد ڪيو ويو . گڏيل اجلاس ۾ بلز جي منظوري دوران اپوزيشن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو ، اپوزيشن جي غير موجودگي ۾ بلز منظور ڪيا ويا. گڏيل اجلاس دوران شاهه محمود قريشي ۽ بابر اعواڻ جِي مخالفت بعد شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو کي ڳالهائڻ جِي اجازت نه ملي، شاهه محمود قريشي ۽ بابر اعواڻ چيو ته جيڪو ميمبر ترميم پيش نه ٿو ڪري، ان کي ڳالهائڻ جِي اجازت نه ڏني وڃي. گڏيل اجلاس ۾ جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان ۽ اسپيڪر جي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. اسپيڪر اسد قيصر چيو ته تقرير جو شوق پورو نه ڪيو ، جنهن تي سينيٽر مشتاق احمد خان چيو ته اسپيڪر خاص معاونن جي غلامي ۾ ضابطن جي ڀڃڪڙي ۽ پارليامينٽ جي توهين ڪري رهيا آهيو. پارليامنيٽ جي گڏيل اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان ، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به شرڪت ڪئي..

Bookmark the permalink.