تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

پارلياماني تاريخ ۾ ڪڏهن به اسپيڪر جو ايترو غير جمهوري رويو ناهي ڏٺو: غير آئيني طريقي سان قانونسازي ڪئي وئي:بلاول

حڪومت کي سجهائڻ ۽ مدد لاءِ ايوان ۾ وياسين پر ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو ويو:پ پ چيئرمين

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته پارلياماني تاريخ ۾ ڪڏهن به اسپيڪر جو ايترو غير جمهوري رويو ناهي ڏٺو. حڪومت کي سجهائڻ ۽ سندن مدد لاءِ ايوان ۾ آيا هئاسين پر ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو ويو. پارليامينٽ جي اجلاس دوران واڪ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته غير آئيني طريقي سان قانونسازي ڪئي وئي، عدالتي فيصلي بعد ڪو به صلاحڪار پارليامينٽ ۾ بل پيش نه ٿو ڪري سگهي. هاڻي اسان کي جهموريت جي بحالي لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا. بلاول چيو ته اڄ پاڪستان جي جمهوري تاريخ تي وڏو حملو ٿيو آهي. اسان کي حق آهي ته پارليامينٽ ۾ وڃي پنهنجو موقف بيان ڪيون. اسان کي شڪ آهي ته حڪومت صلاحڪارن کي بل جي منظوري واري ووٽ ۾ داخل ڪيو. حڪومت کي ڀلا ٻيهر ڳڻپ ڪرڻ ۾ ڪهڙي تڪليف هئي. اسپيڪر کي اجازت ناهي ته هو اپوزيشن کي روڪي سگهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بعد هي سڀ غير آئيني آهي.

Bookmark the permalink.