تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

پئسا ڇو نه ٿي ڏئي! خانپور مهر واسي شخص جو پيسا نه ڏيڻ تي زال مٿان وحشياڻو تشدد:اين سي داخل

خانپورمھر ( ن پ ا) ڳوٺ عالم خان گڏاڻي ۾ امام الدين گڏاڻي پنھنجي زال مسمات فاطمه گڏاڻي مٿان تشدد ڪري زخمي ڪري وڌو. عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. عورت جو چوڻ هو ته مڙس پئسا گھريا نه ڏيڻ تان ھن تشدد ڪري مٿان ڪارنھن جو ڪوڙو الزام ھڻي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.عورت جي ڀاءُ الزام لڳايو آهي ته جوابدار امام الدين گڏاڻي روزانو سندس ڀيڻ تي تشدد ڪري مٿس ڪارنھن جو ڪوڙو الزام ھڻي کيس قتل جون ڌمڪيون ڏيندو آھي. پوليس عورت جي فرياد تي سندس مڙس خلاف اين سي داخل ڪرائي ڇڏي.

Bookmark the permalink.