تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

ٽپال به مهانگي ٿي وئي، پارسل جي اگهن ۾سئو سيڪڙو کان به وڌيڪ اضافو

اسلام آباد: قومي اسيمبلي کي پوسٽل وزارت لکت ۾ ڏنل جواب ۾ ٻڌايو آھي ته 20 گرام وزن واري عام خط، لفافي پارسلجي قيمت 8 رپين مان وڌائي 20 رپيا ڪئي وئي آهي، 50 گرام وزني پارسل جي قيمت 15 رپين مان وڌائي 28 رپيا، 100 گرام جي پارسل جي قيمت 20 رپين کان 50 رپيا، اڍائي گرام جي قيمت 30 مان وڌائي 75 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 500 گرام وزني پارسل جي قيمت 40 رپين مان وڌائي 100 رپيا، جڏهن ته هڪ ڪلو وزن واري پارسل جي قيمت 40 رپين مان وڌائي 80 رپيا، ٽي ڪلو وزن جي قيمت 70 رپين مان وڌائي 20 رپيا، پنج ڪلو جي 100 مان وڌائي 250 رپيا ورتي ويندي، جڏهن ته 10ڪلو وزن واري پارسل جي قيمت 150 مان وڌائي 400 رپيا مقرر ڪئي وئي آھي.

Bookmark the permalink.