تازا ترين
  • *ميهڙ ويجهو ملڪيت جي تڪرار تان چاچي ۽ ڀائٽين ۾ جهيڙو، 6ڄڻا زخمي ٿي پيا *ڳوٺ جوڙو لاکير ۾ لاکير برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو *ظفر،مظھر، حسين، عبدالله، وسيم، سعيد ۽ اظھر لاکير کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *پنگريو ڀرسان زمين جي تڪرار تان ترڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 8 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٽن عورتن سميت 8ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻاررن ۽ عورتن سميت 30 کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ٽنڊوباگو ويجهو زمين جي تڪرار تان جهيڙو،8ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *ڳوٺ علي ترڪ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 4 عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا *
  • وارهه ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، پيرسن فوت ٿي ويو *ماستر لاڙو وٽ حادثي ۾ پيرسن غلام مصطفيٰ گوگاڻي چانڊيو زخمي ٿي پيو *زخمي پيرسن لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف خلاف مني لاندرنگ ڪيس، شريڪ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي ضمانت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي *سپريم ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *ٻنهي جوابدارن تي شهباز شريف لاءِ سهولتڪاري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام آهي*
  • *روشن سنڌ منصوبو ڪرپشن ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب اسلام آباد آڏو پيش *نيب ٽيم طرفان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان به وڏي وزير کان پُڇاڳاڇا * نيب طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو سوالنامو پيش ڪيو ويو *
  • *فيض گنج ۾ پيٽرول پمپ مالڪن حڪومتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو، وڌيڪ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو *پمپ مالڪن پاران پيٽرول جو في ليٽر 77 کان 78 روپيا ۾ وڪرو،عوام سخت پريشان *
  • *تنگواڻي ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ بعد پيٽرول پمپ بند *پئٽرول نه ملڻ سبب صارفين سخت پريشاني جو شڪار *
  • *ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، عوام پريشان*
  • *چونڊڪو ۾ رولو ڪتن نينگري کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *10ورهين جي ثمينا ڌي گلاب خاصخيلي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *نارو ۾ ٽن مهينن دوران ڪتن جي ڏاڙهيلن جو انگ500 ٿي ويو *
  • *بخشاپور ويجهو نوجوان کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏي *ڳوٺ محمد نواز چاچڙ واسي 24ورهين جي محراب علي چاچڙ کي رولو ڪتن ڏاڙهي وڌو *
  • *جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول ڀائرن جا پڪا چنا وٽ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو*
  • *پڪا چنا ڀرسان عورتن جي جهيڙي بعد جوابدارن فائرنگ ڪري 2 ڀائرن کي قتل ڪيو هو*
  • *سيوهڻ ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيل 2 ڀائرن جي جنازي نماز ادا، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو*

ٽي ٽوئنٽي سيريز: سريلنڪا پاڪستان کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

پاڪستان جي بيٽنگ لائين ٻيهر واري جي ڀت ثابت، 13 رنز تان شڪست، حارث کانسواءِ ڪنهن به ٻوٽو نه ٻاريو

لاهور(اسپورٽس ڊيسڪ) سريلنڪا پاڪستان کي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو. قومي ٽيم کي آخري ميچ به 13 رنز تان هارائي وئي. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويل آخري ۽ ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ سريلنڪا ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنز ٺاهيون. سريلنڪا جي اوشادا فرنانڊو بهترين بيٽنگ ڪندي ٽن ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 78 رنز ٺاهيون ۽ ناٽ آئوٽ رهيو. ان کانسواءِ ٻيو ڪو به بيٽسمين 20 رنز تائين اسڪور ڪري نه سگهيو. محمد عامر 3 وڪيٽون ورتيون، عماد وسيم ۽ وهاب رياض هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. 148 جي آسان حدف جي جواب ۾ فخر زمان ۽ بابر اعظم اوپنگ ڪئي پر فخر پهرين ئي بال تي بولڊ ٿي ويو، پوءِ حارث سهيل ۽ بابر اعظم ڪجهه دير تائين ٽيم کي سنڀاليو پر بابر به 27 رنز ٺاهي پويلين موٽي ويو، حارث 52 رنز ٺاهيون، ان کانپوءِ قومي ٽيم جا بيٽسمين ٿوري دير کيڏڻ بعد هڪٻئي پٺيان واپس پويلين موٽندا رهيا. ڪپتان سرفراز به 17 رنز ٺاهي ڊي سلوا هٿان بولڊ ٿي ويو، عماد وسيم 3، آصف علي هڪ، افتخار احمد 17 ۽ وهاب رياض 12 رنز ٺاهيون، اهڙي ريت پاڪستان ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 134 رنز ٺاهي سگهي ۽ 13 رنز تان هارائي وئي. ٽين ميچ ۾ به پاڪستان کي بدترين شڪست ڏيندڙ سريلنڪن ٽيم ٽن ميچز تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز اڳواٽ ئي پنهنجي نالي ڪري چڪي هئي، اڄ به ڪاميابي ماڻي پاڪستان کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو. سريلنڪا جي وانندو هسارنگا ڊي سلوا کي پلير آف دي ميچ ۽ سيريز قرار ڏنو ويو.

Bookmark the permalink.