تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي، آبپاشي کاتي جو ليٽر اڃا ناهي مليو، ليٽر ملڻ تي وڌيڪ ڪارروائي ڪنداسين: جھرڪ پوليس

اڳوڻو چيف انجنيئر ڍنڍ تي قبضو ڪرائي رهيو آهي: ايگزيڪيوٽو انجنيئر

ٺٽو: جھرڪ ٿاڻي جي ايس ايچ او مصري خان کوسو پڻ “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته آبپاشي کاتي جو وٽن ڪارروائي لاءِ ليٽر اڃان ناهي مليو پر پوليس ڪارروائي ڪندي ڪينجھر جي قبضي واري حد مان 2 شاول مشينون پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ سان گڏ انهن جي ٻنهي ڊرائيورن ۽ هڪ مقامي قبضي ڪندڙ ڳوٺاڻي جي عيوضي ۾ ان جي پٽ اشرف ماڇي کي گرفتار ڪري کين ٿاڻي جي لاڪپ ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ليٽر جيئن ئي ملندو ته قبضو ڪندڙن خلاف ايف آئي آر پڻ ڪاٽي ويندي .
“پنهنجي اخبار” پاران رابطو ڪرڻ تي آبپاشي کاتي بگھاڙ سرڪل ڊويزن ٺٽو جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر اشفاق ميمڻ چيو آهي ته ڪينجھر ڍنڍ جي زمين تي چلھ سائيٽ آر ڊي 2.4 سونهري وٽان هڪ بااثر آبپاشي کاتي جي اڳوڻي چيف انجنيئر منور بوزدار مقامي رهاڪو حميد ماڇي سان ملي ڳري مشينري ذريعي بند ٻڌي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته هن فوري طور تي اهڙي نشاندهي ٿيڻ تي ٺٽي جي ايس ايس پي کي ليٽر جاري ڪري قبضو ڪندڙن منورر بوزدار ۽ مقامي ڳوٺاڻي خلاف ڪاروائي جي گھر ڪئي. ڪينجھر تي قبضي ڪرڻ جو ڪنهن کي به اختيار ناهي.

Bookmark the permalink.