تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

ٽن مهينن اندر ٽيون ڏکڻ ڪوريائي فنڪار پراسرار نموني فوت

27 سالن جو ڏکڻ ڪوريائي اداڪار ۽ ڳائڻو ڇا ان ها پنهنجي رهائشگاهه مان مئل حالت ۾ مليو

ڪراچي (شوبز نيوز) انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي جي ڊوڙ ۾ پنهنجي خاص سڃاڻ رکندڙ ملڪ ڏکڻ ڪوريا ۾ گذريل ٽن مهينن دوران ٽن مشهور نوجوان ڳائڻن ۽ اداڪارن جي پراسرار موت شوبز انڊسٽري ۽ عام ماڻهن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو. برطانوي اخبار دي انڊيپينڊنٽ ڪوريائي ميڊيا جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته آڪٽوبر جي وچ ۽ نومبر جي آخر ۾ ٻن نوجوان ڳائڻين جي پراسرار موت کانپوءِ هاڻي 27 سالن جي اداڪار ۽ ڳائڻي ڇا ان ها به پنهنجي رهائشگاهه ۾ مئل حالت ۾ مليو. ڇا ان ها جي پراسرار موت کان هڪ هفتو اڳ ئي 28 سالن جي ڳائڻي ۽ اداڪارا گوهارا به پنهنجي رهائشگاهه تي مئل حالت ۾ ملي هئي. گوهارا جي پراسرار موت تي پوليس سندس ساٿين ۽ پاڙيسيرين آپگهات جو شڪ ظاهر ڪيو هو ۽ چيو هو ته ڳائڻي ۽ اداڪارا ڪيترن ئي مهينن کان ڊپريشن جو شڪار هئي. گوهارا جي پراسرار موت کان ڏيڍ مهينو اڳ 14 آڪٽوبر تي مشهور اداڪارا ۽ ڳائڻي 26 سالن جي سولي پنهنجي گهر ۾ مئل حالت ۾ ملي هئي ۽ پوليس شروعاتي طور تي ان کي آپگهات جو واقعو قرار ڏنو هو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڳائڻي سولي ۽ گوهارا هڪ ٻئي جون بهترين ساهيڙيون هيون. سولي جي حوالي سان به اهو چيو ويو هو ته هو به ڊگهي وقت کان ڊپريشن جو شڪار هئي. سندس بواءِ فرينڊ مشهور ڳائڻي جونگ يون به 2017ع ۾ ڊپريشن سبب آپگهات ڪيو هو. هاڻي 27 سالن جو ڇا ان ها به پنهنجي رهائشگاهه مان مئل حالت ۾ مليو. نوجوان ڳائڻي جي پراسرار موت ڏکڻ ڪورين شوبز انڊسٽري کي ڌوڏي ڇڏيو ڇا ان ها 2017ع ۾ ڪيريئر شروع ڪيو هو ۽ هن فلمن ۽ ڊرامن ۾ به جوهر ڏيکاريا. ڇا ان ها جي گهرڀاتين خاموشي ۽ سادگي سان سندس آخري رسمون ادا ڪيون.



Bookmark the permalink.