تازا ترين
  • *ڊکڻ ڀرسان شرپسندن مبينا طور سارين جي ٽن ديرن کي باهه ڏئي ڇڏي، آبادگار پريشان*
  • *ڪوٽڙي: لوڻي ڪوٽ ڀرسان تيز رفتار ڪار ڪلٽي، حيدرآباد واسي 4 ڄڻا زخمي * ڪوٽڙي: زخمين ۾ حيدرآباد جي سبزي منڊي واري علائقي جا رهواسي عباس علي گدي، فرمان علي گدي، عمر علي ۽ شاهد گدي شامل *
  • *سکر: نيب سکر پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش مهر خلاف سرڪاري زمين پنهنجي نالي ڪرائڻ وارن الزامن جي جاچ جو فيصلو ڪري ورتو * سکر: نيب سکر جي اختيارين جاچ شروع ڪرڻ لاءِ نيب چيئرمين کان اجازت گهري ورتي: ذريعا *
  • *لاڙڪاڻي ۾ ڪوچ جو سائيڪل کي ٽڪر، 13 سالن جو معصوم نينگر شهباز پٽ قمرالدين ڀٽو فوت ٿي ويو*
  • * قاضي احمد لڳ 4 ورهين جي معصوم ٻارڙي زاھده ڌيءُ صحبو خان مري شاخ ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي *
  • *جيڪب آباد: رستم جي پنهوار ۽ بنگلاڻي ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جو جيڪب آباد ۾ جرڳو، هڪ خون جا 47 لک رپيا ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ * جيڪب آباد: بنگلاڻي برادري تي هڪ شخص جو خون ثابت ٿيو، خون بها 15 لک رپيا مقرر ڪئي وئي * جيڪب آباد: بيگناهه قتل جا وڌيڪ 15 لک ۽ لاش جي تذليل جا به 15 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو *
  • *ور شهر: صبح کان گم ٿيل نينگري جو ڪپڙن کان آجو لاش هٿ * ور شهر: معصوم نينگري دعا ولاسيو جو لاش ڪيلي جي فصل مان هٿ آيو، نياڻي کي قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي: وارث *
  • *ڪراچي: دعا منگي کي صحيح سلامت بازياب ڪرائينداسين، ڪيس جو مختلف رُخن ۾ جائزو ورتو پيو وڃي: ڪراچي پوليس * ڪراچي: هڪ درجن کان وڌيڪ ماڻهن کان جاچ ڪري ورتي آهي: ڪراچي پوليس جو ترجمان * ڪراچي: شهرين کي اپيل آهي ته ڪيس لاءِ اطلاع هجي ته ويجهو موجود ٿاڻي تي ٻڌائين: بيان *
  • *اسلام آباد: هن سال 104 ماڻهو قتل ۽ 121 اغوا ٿيا: گذريل سال ٻارن سان جنسي زيادتي جا 29 واقعا رجسٽر ٿيا: وفاقي گهرو کاتو * اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ وفاقي گهرو کاتي طرفان ڏوهن بابت انگ اکر پيش ڪيا ويا * اسلام آباد: وفاقي گهرو کاتي طرفان ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر هجڻ جي دعويٰ *
  • *اسلام آباد: بشير ميمڻ کي هٽائڻ وارو مامرو قومي اسيمبلي تائين پهچي ويو: وفاقي سرڪار جواب نه ڏنو*
  • سمجهه ۾ نٿو اچي ته پارليامينٽ جا مامرا عدالت ۾ ڇو ٿا آڻيو ؟ 10 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪميشن جا ميمبرز مقرر ڪريو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*پارليامينٽ کي وڏا اشوز حل ڪرڻا آهن، هي ته ميمبرز جي مقرري آهي، هر ميمبر ڪوشش ڪري ته پارليامينٽ جو معاملو عدالت ۾ حل نه ٿئي*وفاقي سرڪار، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين طرفان مهلت جي استدعا: عدالت 10 ڏينهن ۾ حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي*
  • وزيراعظم اپوزيشن ليڊر سان ويهڻ لاءِ تيار ئي ناهي (ن ليگ اڳواڻ) ٻئي پارليامينٽ جي بالادستي قائم ڪن: عدالت*
  • نئون چيف اليڪشن ڪمشنر:وزيراعظم3 نالا تجويز ڪري ڇڏيا*عمران خان طرفان تجويز ڪيل نالن ۾ بابر يعقوب، فضل عباس ۽ عارف خان شامل*

ٽنڊي محمد خان ۾ لڄالٽ ڪيس جي ٻن جوابدارن کي 10 ۽ 5 سال قيد

سومري ڪولهڻ سان لڄالٽ جي جوابدار سورج ڪولهي کي 10 سال ۽ اڪبر لغاري کي 5 سال قيد سزا

3 مهينا اڳ آبادگار ٿاڻي جي حد ۾ واقعو پيش آيو، جوابدارن تي ڪل هڪ لک 10 هزار رپيا ڏنڊ به مقرر

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: امتياز مڱريو ) ٽنڊو محمد خان جي عدالت ناري سومري ڪولهڻ سال لڄالٽ جي ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي 10 ۽ 5 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، جڏهن ته ٻه ڄڻا بري ٿي ويا، ان ڏس ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي آبادگار ٿاڻي جي حد ۾ ٽي مهينا اڳ سومري ڪولهي سان اجتماعي لڄالٽ جو واقعو پيش ٿيو هو، جنهن ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽنڊو محمد خان جي فرسٽ ايڊيشن سيشن جج جي عدالت ٻن جوابدارن سورج ڪولهي ۽ علي اڪبر لغاري کي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ عدالت سورج ڪولهي کي 10 سال قيد ۽ 1 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ۽ علي اڪبر لغاري کي 5 سال قيد ۽ 10 هزار روپيا ڏنڊ جي سزا جو حڪم ڏنو ويو آهي. جڏهن ته عدالت ٻن جوابدارن غلام محمد مگسي ۽ مولو ڪولهي کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ جي صورت ۾ باعزت بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

Bookmark the permalink.