تازا ترين
  • *جهرڪ ڀرسان 7 ٻارن جي سنڌوءَ ۾ ٻڏي فوت ٿيڻ واري واقعي تي علائقي ۾ سوڳ، فوتي ٻارن جي وارثن سان تعزيت جاري*
  • *تنگواڻي ۾ ڪتن 5 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل، اسپتال منتقل *
  • *پنوعاقل: بشير آباد ۾ ھندو نوجوان اجي ڪمار بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *لاش تعلقه اسپتال منتقل، ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو *
  • *لاڙڪاڻو :گيسٽرو ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي، 3 عورتن سميت 10 ڄڻا اسپتال داخل *لاڙڪاڻي ۾ گيسٽرو جي مريضن ۾ واڌ ٿيڻ لڳي، ڪيترائي مريض علاج هيٺ*
  • *ڳڙهي خيرو ۾ 17 ماڻهن جي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي *تعلقه اسپتال جي 33 ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جا سيمپل ورتا ويا ھئا:انتظاميه *
  • * ڏهرڪي جي خانگي بينڪ مان 73 لک رپيا چوري، ڪيس داخل *بينڪ ۾عيد جي موقعي لاءِ رقم رکي وئي هئي، 21 مئي واري رات چوري ٿي *بينڪ عملي جي چئن ملازمن تي به شڪ ظاهر ڪري ڪيس ۾نالا ڏنا ويا *ڪيس داخل ڪرائڻ ٿاڻي *پهتل سکر جي بينڪ آفيسرن موقف ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو*
  • *ڀرياسٽي: روھڙي ڪئنال مان نوجوان جو پٿر سان ٻڌل لاش هٿ *نوجوان جي سڃاڻپ ڳوٺ خدابخش جانوري واسي محمد زمان جانوري طور ٿي *محمد زمان ٽن ڏينهن کان گم هو،سندس ذهني توازن درست نه هو: نوجوان جو چاچو *لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي، معاملي جي جانچ ڪري رھيا آھيون: پوليس *
  • *اڪري چودڳي جي مختلف علائقن ۾ ماڪڙ جا ڪٽڪ پهتل،آبادگار سخت پريشان *سانجاهو،کنياري،محب شاھ، جاکري،مهر علي انڙسميت مختلف علائقن ۾ ماڪڙ پهتل *ماڪڙ وڻن، فصلن ۽ سبزين کي کائي ناس ڪري ڇڏيو، آبادگارن جا مٿي تي هٿ *

ٽنڊي غلام حيدر جي ماسترياڻي هراسمينٽ خلاف عدالت پهچي وئي

هيڊ ماسترياڻي ٽي او سيڪنڊري نثار عباسي خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

نثار عباسي ٽيچر جونيا ۽ ڪرن کي ڇوٽ ڏيڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون: غلام فاطما

ٽنڊومحمدخان (رپورٽ: امتيازمڱريو ) ٽنڊي غلام حيدر جي نظرپور گرلس هاءِ اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي کي ٽي او سيڪنڊري جي مسلسل دٻاءُ جو تعليم کاتي جي آفيسرن ڪوبه نوٽيس نه ورتو. ليڊي ٽيچر شڪايت واري درخواست کڻي سيشن جج ٽنڊومحمدخان وٽ پهچي وئي. پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هيڊ ماسترياڻي غلام فاطمه ٻڌايو ته ٽي او جي ڌمڪين سبب آئون اسڪول ڊيو ٽي تي نه پئي وڃي سگهان، تعليم کاتي جي اختيارين کي بار بار لکت ۾ شڪايتون ڪرايون آهن پر ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. هن الزام هنيو ته ليڊي ٽيچر مس جونيا پٺاڻ ۽ مس ڪرن مونکي رشوت جي لالچ ڏني ۽ چيو ته توهان مهيني ۾ جيڪا به رقم وٺو پراسان ٻنهي ڄڻين کان ڊيوٽي ۾ رعايت ڏيو نه ته اسان جا هٿ وڏا آهن. تون هتي هيڊماسترياڻي رهي نه سگهندين، منهنجي انڪار تي ٽي او نثار عباسي ڌمڪيون ڏنيون. مون عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي، ڊي ايس پي ٽنڊوغلام حيدر مونکي فون ڪري آفيس گهرايو آهي. هن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ٽي او نثار عباسي ۽ ليڊي ٽيچر مس جونيا پٺاڻ ۽ مس ڪرن کان مونکي ۾ فملي کي جاني خطرو آهي مونکي تحفظ ڏئي مونسان انصاف ڪيو وڃي، نه ته آئون نوڪري تان استعفا ڏئي ڇڏينديس.

Bookmark the permalink.