تازا ترين
  • *ميهڙ پوليس جي ڪارروائي: واپاري جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ڪيس ۾ 2 جوابدار گرفتار*
  • *ڀان سيد آباد ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي دوران هڪ شخص مبينا طور دل جو دورو پوڻ سبب فوت*
  • ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن دوران هڪ ڄڻو فوت، ماءُ ۽ پٽ سميت 8 ڄڻا زخمي * سنڌڙي جي علائقي ھڱورنو وٽ اوور لوڊ هئڻ سبب رڪشا ڪلٽي، ڳوٺ مراد علي پھوڙ واسي پورھيت ناريو ڪولھي فوت * ٽنڊو محمد خان-بدين روڊ تي ٻارڻ اسٽاپ ويجهو تيز رفتار ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب موٽر سائيڪل سوار ٻه نوجوان محمد عامر ۽ ذوالقرنين سخت زخمي * دولتپور صفن ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان رضا حسين ۽ سندس امڙ زينب خاتون زخمي * شاھپورچاڪر ڀرسان ٻن موٽر سائيڪلز ۾ ٽڪر سبب پيرسن عورت ۽ ٻار سميت 4 ڄڻا سخت زخمي *
  • *مٺي: 12 ورهين جي نينگر مبينا طور معمولي ڳالهه تان گهروارن سان ناراض ٿي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو * ڳوٺ ڦل ترائي ۾ نينگر مهيش ڀيل مبينا ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو *
  • *ڦلهڏيون ۾ رورل هيلٿ سينٽر تي ڪورونا وائرس کان بچاءُ واريون سهولتون نه ملڻ خلاف ڊاڪٽرز ۽ پي ايم اي طرفان احتجاج*
  • *خيرپور ۾ ملڪيت جي معاملي تان وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل، جوابدار گرفتار*
  • * راڌڻ: روزاني پنھنجي اخبار نئون ڳوٺ جي رپورٽر خورشيد لاکير تي تشدد ڪندڙ ايس ايڇ او بھرام پنھور خلاف ڪيس داخل *
  • *اسلام ڪوٽ: ڪورونا وائرس پکڙجڻ جي خدشي سبب ڪراچي ۾ فوت ٿيل ڪائونسلر جي گهرن کي پوليس پاران ڪڙو، شهر به بند * گذريل ڏينهن فوتي ڪائونسلر آڪاش منجياڻي جي وارثن اسلام ڪوٽ پهچي غريب شهرين ۾ امدادي سامان ورهايو هو * اسلام ڪوٽ: انتظاميا کي فوتي ۽ سندس گهرڀاتين جي ڪورونا وائرس بابت رپورٽ جو انتظار، رپورٽ اڄ شام ملڻ جو امڪان *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب هن وقت تائين 42 هزار کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا، متاثرن جو انگ 8 لک کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 10 ڏينهن ٿي ويا: ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ بينظير آباد ڊويزن سوڌو ننڍن وڏن شهرن ۾ڪاروبار بند*
  • *هن وقت تائين وائرس سبب پنجاب ۾ 9، سنڌ ۾ 8، ڪي پي ۾ 6، بلوچستان ۾ هڪ ۽ گلگلت بلتستان ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي چڪا*
  • *ڪورونا وائرس: ملڪ ۾ متاثرن جو انگ 2040 ٿي ويو*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ هادي بخش ۾ چورن هٿان ڀاڳيو قتل، 4 گهرڀاتي زخمي، ڳوٺاڻن پاران هڪ چور مبينا طور پوليس حوالي * نوراجا لڳ ڳوٺ ۾ 4مبينا چورن مزاحمت تي عبدالطيف ڀٽو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو * ايس ايڇ او بائيجي ٿاڻو پاران ڪو به چور حوالي ٿيڻ کان انڪار، ڳوٺاڻن جو احتجاج*
  • *ڪورونا وائرس سبب پوري دنيا ۾ فوتين جو انگ 42 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو * عالمي وبا جي ڪري معاشي صورتحال تمام گهڻي خراب ٿي رهي آهي:ورلڊ بينڪ *ڪورونا وائرس سبب پوري دنيا متاثر، فوتين جي انگ ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو *

ٽنڊي جان محمد ۾ يتيم نينگري سان ڏاڍائي جي ڪوشش، دانهن ڏيڻ تي وحشياڻو تشدد

وارڊ 3 گلڻ ڪالوني ۾ ايمان پٺاڻ سان شاهنواز شاني مبينا طور ڏاڍائي ڪوشش ڪئي

نينگري ماسيءَ سان ڳالهه ڪئي ته ان کيس پائپ سان تشدد ڪري اڌ مئو ڪري ڇڏيو

ٽنڊوجان محمد(رپورٽ عبدالخالق خاصخيلي) ٽنڊوجان محمد جي وارڊ 3 گلڻ ڪالوني جي رهواسي رفيق نائي جي گھر ۾ رهندڙ ڏھ سالن جي معصوم نينگري ايمان پٺاڻي سان رفيق نائي جي ڀائيٽي شاهنواز شاني مبينا طور جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نينگر جي اھڙي حرڪت جي باري ۾ نينگري پنهنجي ماسي کي ٻڌايو جنهن تي ماسي نينگري تي مڇرجي پائپ واري سان نلڪي سان بي رحماڻو تشدد ڪيو ۽ معاملي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. لاوارث پٺاڻ نينگريِ کي مارڪٽ ڪرڻ وارو واقعو ٻه ڏينهن پهرين ٿيو هو، جنهن جو اطلاع پاڪستان انٽر نيشنل هيومن رائٽس آرگنائيزيشن جي ضلعي صدر آغا روز امان مرغزاني کي مليو، جنهن واقعي جي باري ۾ پوليس کي اطلاع ڪيو پوليس فوري طور حرڪت ۾ ايندي نينگري کي ٿاڻي تي کڻي آئي ۽ ليڊيز پوليس اهڪار کي گھرائي نينگري جو سرڪاري اسپتال مان ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ بعد نينگري کي ٿاڻي ۾پنهنجي نگراني ۾ رکيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري جي جسم تي تشدد جا واضح نشان موجود آھن اسان کي خبر پئي نينگري لاوارث آھي هن تي بي رحماڻو تشدد ڪيو وڃي ٿو، جاچ ڪريون پيا، نينگري جو نانو علي تراب ۽ مامو ڄام شورو مان آيا آهن. ميڊيڪل رپورٽ ۽ وارثن جي بيان تحت ڪاروائي ڪئي ويندي.جڏهن ته نينگري جي ناني علي تراب ٻڌائيندي چيو ته نينگري ايمان جو والد پٺاڻ هو جيڪو ڄام شورو ۾رهندو هو هن جي ڄمڻ کان اڳ ۾ هن جو والد وفات ڪري ويو هو هن جي والده هن جي ڄمڻ وقت هي ٻه ڪلاڪ جي هُئي ته هن کي هن جي ماء منهنجي ڌي کي نپائڻ لاء ڏيئي ڇڏيو پوءِ اسان هن کي پالي وڏو ڪيو آھي، جڏهن ته هن جي ماء هتان کان ڪوئيٽا وڃي اتي ٻي شادي ڪري ڇڏي ان کان پوء هن جو اسان سان ڪوبه رابطو ڪونهي. هِن سان ڪنهن غلط حرڪت ڪئي آھي ته ان کي سزا ملڻ کپي. ٻئي طرف پوليس نينگري کي مارڪٽ ڪندڙ ماسي ۽ زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ نينگر جوابدار جي اڃا تائين گرفتاري ناهي ٿي.

Bookmark the permalink.