تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ٽنڊي باگي جي ايڊمنسٽريٽر بلن تي صحيح نه ڪئي، ٽائون ملازم پگھار کان محروم

ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊي باگي جي ايڊمنسٽريٽر پاران بلن تي صحيح نه ڪرڻ سبب 300 ٽائون ملازم پگھار کان محروم ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ مڪاني ادارن جي چيئرمينن جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ پهرين سيپٽمبر تي ٽائون ڪميٽين تي مقرر ڪيل ايڊمنيسٽريٽر اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوباگو غلام نبي سولنگي کي ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو ۽ ٽائون ڪميٽي کوسڪي جو ايڊمنيسٽر مقرر ٿيندي 15 ڏينهن گذري ويا آهن، پر هن ٽنڊوباگو ۽ کوسڪي ٽائون ڪاميٽين جي 300 کان وڌيڪ ملازمن جي پگهارن وارن بلن تي صحيحون نه ڪيون آهن، جنهن سبب، ٻنهي ٽائون ڪاميٽين جي ملازمن جون گذريل مهيني آگسٽ جون پگهارون
رڪجي ويون آهن جنهن ڪري ننڍن ملازمن جي گهرن ۾ فاڪه ڪشي واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. رابطو ڪرڻ تي ٽائون آفيسر ٽنڊوباگو محمد حسن ملاح ٻڌايو ته هن ملازمن جي پگهارن جا بل ايڊمنيسٽريٽر ٽنڊوباگو حوالي ڪري ڇڏيا آهن.

Bookmark the permalink.