تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

ٽنڊي باگي، جاتي، کورواهه ۾ گيسٽرو پکڙجي وئي، نينگر فوت، ڪيترائي متاثر

کورواھ/ ٽنڊو باگو/ جاتي(رپورٽ: ابراهيم مخدوم، انور عباسي ۽ علي اڪبر ٿهيم) ٽنڊي باگي، جاتي، کورواهه ۾ گيسٽرو ۽ ڊرائريا جي پکڙجي وئي آهي، جنهن ڪري کورواهه واسي نينگر فوت ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو بيماري ۾ وٺجي ويا آهن. ان ڏس ۾ کورواھ ڀرسان ڳوٺ قائم خان رند ۾ گيسٽرو ۾ مبتلا ڏيڊھ سال جو معصوم ٻارڙو واجد حسین پٽ جانو رند فوت ٿي ويو آهي. ساڳئي ڳوٺ ۾ مسمات ح ز، غلام حسین رند، الطاف رند، فدا حسین رند، جاڙو رند ۽ ٻیا ڪیترائی ٻارڙا عورتون توڙي مرد گيسٽرو ۽ ڊائريا ۾ وٺجي ويا آهن، جيڪي بدین ضلعی جی مختلف اسپتالن ۾ داخل آھن. ڳوٺاڻن محمد حسن رند، ممتاز، جان محمد، علي احمد رند ۽ ٻين صحت کاتي کي اپیل ڪئي آھي تہ صحت کاتي جون ٽیمون ڳوٺن ۾ موڪلي گيسٽرو ۽ ڊائريا جي بيماري ۾ ورتل ماڻهن جو علاج ڪرايو وڃي. هوڏانهن ٽنڊي باگي ۽ ڀرپاسي به گيسٽرو پکڙجي وئي آهي، جنهن ڪري تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو ۾ 5 معصوم ٻارڙن 5 سالن جي مٺي، 6 سالن جي افسانه، 4 سالن جي آفيا، 6 سالن جي عاليا، 50 سالن جي مسمات آمي، 60 سالن جي عرس ملاح، 40 سالن جي علي محمد ملاح، 35 سالن جي محمد علي سينهڙو سميت 14 ڄڻن کي داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي جاتي ۾ برساتن بعد ۾ گيسٽرو جي وباء تي ضابطو نه اچي سگھيو آهي، جنهن ڪري سبب تعلقي اسپتال جاتي سميت خانگي اسپتالون به گيسٽرو جي مريضن مان سٿجي ويون آهن، تعلقي اسپتال جاتي ۾ هڪ ئي وقت گيسٽرو جي مريضن جو تعداد 39 ٿي ويو آهي، جنهن ۾ زهران، لوڻائي، بختاور، گل محمد، علي محمد، اصغر، حسن، صائمه، ساران، بچندو ۽ ناصر سميت ٻيا شامل آهن، مريضن جي وڌڻ ۽ اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب هڪ بيڊ تي ٻه کان ٽي مريض داخل ڪيا ويا، جڏهن ته تعلقي اسپتال جاتي ۾ صحت سهولتون اڻپوريون هجڻ ۽ دوائن جي شديد کوٽ سبب غريب مريض سخت پريشان ٿيڻ لڳا آهن، ٻي طرف ڊيوٽي ڊاڪٽر پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو برسات جو گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو ۾ اضافو ٿيو آهي، ماڻهن کي پاڻي ٻَڙڪائي پيئڻ گھرجي.

Bookmark the permalink.