تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ٽنڊي الهيار ۾ نينگري سان مبينا ڏاڍائي جي ڪوشش، پوليس طرفان جوابدار گرفتار

ٽنڊو الهيار (ن پ ا) ٽنڊي الهيار ۾جوابدار نينگري سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي، پوليس وقت سر ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. عثمان آباد ۾وحشي جوابدار ياسر ڪشميري 10 ورهين جي معصوم نينگري سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي، ٻارڙي جي رڙين تي جوابدار فرار ٿي ويو. نينگري روئيندي گهر پهتي، جتي هن ماءُ کي ٻڌايو ته شيءُ وٺڻ لاءِ دڪان تي ويندي جوابدار کيس خالي جاءِ ۾کڻي وڃي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي. نينگري جي ماءُ ڌيءُ سميت ٽندي الهيار جي وومين ٿاڻي تي پهتي، جتي سندس فرياد تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او وقت سر ڪارروائي ڪندي نينگري سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار ياسر کي گرفتار ڪري ورتو.

Bookmark the permalink.