تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ٽنڊو ڄام ڀرسان زهريلو کاڌوکائڻ سبب 2 سڳا ڀائر فوت، نينگري جي حالت ڳڻتي جوڳي

ڳوٺ آدم جمالي ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب نثار ۽ اياز خاصخيلي فوت، ڀيڻ نينگري جي حالت خراب

ٽنڊو ڄام (رپورٽ: مبين مگسي) ٽنڊو ڄام ڀرسان زهريلو کاڌوکائڻ سبب 2 سڳا ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڳوٺ آدم جمالي ۾ مبينا زهريلو کاڌو کائڻ سبب نينگري سميت 3 ڄڻن جي طبيعت خراب ٿي وئي، 7ورهين جو نثار ۽ 16ورهين جو اياز خاصخيلي اسپتال ۾ فوت ٿي ويا، نينگري جو علاج هلندڙ آهي، علائقي واسين طرفان ٻڌايو پيو وڃي ته سمورن گهرڀاتين ماني کاڌي، جنهن سبب 2 ڀائر فوت ٿي ويا، سندس ڀيڻ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، نينگري جو اسپتال ۾ علاج جاري آهي، ٻارن جي امڙ ۽ والد کي ڪجهه ناهي ٿيو.

Bookmark the permalink.