تازا ترين
  • *گمبٽ: ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر: عورت مجاهدان شيخ فوت، نينگري جويه شيخ سميت 3 زخمي*
  • *روهڙي: بيماري ۽ بي روزگاري کان تنگ اچي نوجوان 30 ورهين جي سيد منصور حسين پٽ غلام شاھ درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: رتوديرو ڀرسان راولپنڊي واسڻ عورت لاوارث حالت ۾ هٿ، ٽرسٽ حوالي*
  • *ڪنڌڪوٽ واسي نوجوان غلام مصطفيٰ پٽ پير بخش گولو جي اغوا جي تصديق، وارثن سان فون تي رابطو، بازيابي لاءِ ڪوششون وٺڻ تي زور * ڪنڌڪوٽ: مغوي نوجوان غلام مصطفيٰ گولو پنهنجي چاچي کي فون ڪري اغوا بابت ٻڌايو * ڪنڌڪوٽ: نوجوان 15 ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪنڌڪوٽ ڀرسان کنڀجي ويو هو *
  • *لکي غلام شاهه ويجهو اسڪول ۾ شاگردياڻي زيبا ڌيءُ استاد جاويد علي ڪلوڙ بيهوش، اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ويجهو چوري دوران هٿياربندن هٿان مارجي ويل نوجوان جي خون جو جرڳو: 27 لک رپيا ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ * تنگواڻي: سردار محبوب خان بجاراڻي جي سرپئنچي ۾ جرڳو، شاهه محمد جعفري تي الزام ثابت * تنگواڻي: جوابدار ڌر ڏنڊ جي رقم مان 2 لک رپيا ادا ڪري ڇڏيا، رهيل رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪندي *
  • چيف جسٽس طرفان پي آءِ سي ۾ هنگامن تي افسوس جو اظهار*وڪيل ۽ ڊاڪٽرز معتبر پيشا آهن، اُميد ته مستقبل ۾ به وري نه ٿيندو: چيف جسٽس آصف سعيد کوسه*
  • نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال کي سوڙهو ڪرڻ جون تياريون: نيب جا نارووال ۾ ڇاپا*
  • اٽارني جنرل انور منصور کي هٽائڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست*انور منصور جي عمر 65 سالن کان وڌيڪ آهي: درخوست ۾ صدر، وزيراعظم ۽ ٻين کي ڌُر بڻايو ويو *

ٽنڊو ڄام يونيورسٽي جي رٽائرڊ ملازمن جو پينشن لاءِ احتجاج

ٽنڊوڄام (ن پ ا ) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي رٽائرڊ پروفيسر، آفيسر ۽ ملازمن کي رهتون ادا نه ٿيون، احتجاجي تحريڪ ٻئينهفتي ۾ داخل ٿي وئي. سائوٽا جي اڳوڻي صدر سريش ڪمار پروفيسر علي نواز ميراڻي، پروفيسر ولي محمد ڀٽي، ڪرم علي پنو، علي نواز شاهاڻي ۽ ٻين ڪئي، هنن چيو ته ٽي تاريخ گذرڻ باوجود به ريگيولر ملازمن کي پگهارون ناهن ٿيون ته اسان کي ڪٿان رهتون ادا ڪيون وينديون . اڳواڻن مطالبو ڪيو ته فوري طور زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي ۽ ڊائريڪٽر فنانس انيل ڪمار کي هٽائي، زرعي يونيورسٽي جي سمورن آڪائونٽس جي نيب کان جانچ ڪرائي وڃي ته خبر پئجي ويندي ته مالي بحران ڪيئن ٿيو، سنڌ زرعي يونيورسٽي مان رٽائر ڪري ويندڙ پنهنجي وقت جي سينئر پروفيسرس، آفيسرس ۽ ملازمن پاران کين تازي سالياني بجيٽ ۾ وڌايل 15 سيڪڙو پينشن، 2013 ۾ وڌيل پگهار جي اڍائي سيڪڙو ڊفرنس، شفٽنگ الائونس نه ڏيڻ ۽ پنهنجي عمر جا 60 سال مڪمل ٿيڻ بعد رٽائر ٿيندڙ استادن، آفيسرن ۽ ملازمن کي قسطن ۾ گريجوئٽي ڏيڻ خلاف اي ايم شيخ آڊيٽوريم هال کان وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ تائين ريلي ڪڍڻ بعد علامتي بک هڙتال ڪئي، هنن الزام هنيو ته يونيورسٽي ۾ ڪرپشن ۽ غلط پلاننگ جي ڪري ڪروڙين روپين جي خساري ۾ هلي ويئي هن چتاءُ ڏنو ته هلندڙ هفتي رهتون ادا نه ڪيو ويو ته احتجاج تحريڪ جي ٻي مرحلي جو آغاز ڪيو ويندو

Bookmark the permalink.