تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ٽنڊو ڄام ويجهو زهريلو کاڌو کائڻ سبب 2 ڀائر فوت، ڀيڻ بيهوش، ڪهرام

ٽنڊو ڄام(رپورٽ: مبين مگسي) ٽنڊي ڄام لڳ زهريلو کاڌو کائڻ سبب 2 ڀائر فوت، لاش کڄڻ تي ڪهرام مچي ويو، هڪ نينگري جي حالت ڳڻتي جوڳي، متاثر خاندان بٺوري مان ڪپھه چونڊي جو پورهيو ڪرڻ لاءِ ٽنڊو ڄام آيل هو. رپورٽ موجب ڳوٺ آدم خان جمالي ۾ مبينا زهريلا دال چانور کائڻ سبب 18 سالن جو اياز، 10 سالن جو نثار ۽ سندن ڀيڻ نشا خاصخيلي بيهوش ٿي ويا، جن کي ٽنڊوالهيار اسپتال آندو ويو، جتي سندن حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو، جتي پهريان اياز علي فوت ٿي ويو ۽ ڪجهه ڪلاڪن بعد نثار خاصخيلي به دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته نشا جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. متاثر خاندان جو تعلق ميرپور بٺوري سان ٻڌايو پيو وڃي، جيڪو ڳوٺ آدم جمالي ۾ ڪپهه جي چونڊي جي مزدوري تي آيل هو. هوڏانهن ٻن ڀائرن جا لاش کڄڻ وقت ڪهرام مچي ويو، ٻئي طرف واقعي جي ڪنهن به قسم جي قانوني ڪارروائي ناهي ٿي سگهي.

Bookmark the permalink.