تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

ٽنڊو مستي ويجهو اکين جي نور کان محروم عورت ٻچن سميت بکون ڪاٽڻ تي مجبور

ٽنڊومستي ( ن پ ا ) ڳوٺ لعل ڏنو اڄڻ ۾ اکين جي نور کان محروم عورت مسمات امير زادي اڄڻ ٻچن سميت بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهي. متاثر عورت جي اکين جو علاج نه ٿيڻ ۽ چونڊيل نمائندن پاران سار نه لهڻ سبب معصوم ٻچن سميت فاڪاڪشي واري زندگي گذاري رهي آهي. سندس مامي خدابخش اڄڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اکين جي نور کان محروم اميرزادي جو مڙس انتهائي غريب ۽ معذور آھي کيس رهڻ لاء سندن گهر نه اٿن. هن چيو ته متاثرن کي راشن سميت ڪجھ به ناهي مليو جنهن سبب هو معصوم ٻچن سميت بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن. هنن سنڌ حڪومت ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن کان واهر جي اپيل ڪئي آھي.

Bookmark the permalink.