تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

ٽنڊو محمد خان ۾ 7 ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي رپورٽ پازيٽو اچي وئي، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 17 ٿي ويو

ضلعي ۾ مقامي طور تي 7 ڄڻا ۽ باقي 10 جو تعلق تبليغي جماعت سان آهي:فوڪل پرسن

او ليول اسڪول ۾ 116 تبليغي جماعت سان تعلق رکندڙن کي آئسو ليشن تي رکيو ويو آهي: آگاهي

ٽنڊومحمد خان (ن پ ا) ٽنڊو محمد خان ۾ 7 ڄڻن کي ڪورونا وائرس واري رپورٽ لمس اسپتال حيدرآباد مان پازيٽو اچڻ بعد ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ وڌي 17 ٿي ويو آهي، جنهن ۾ چئن ڄڻن جو تعلق تبليغي جماعت سان آهي، جڏهن ته 3 ڄڻن جو تعلق ٽنڊو محمد خان شهر جي نصير آباد پاڙي سان ٻڌايو وڃي ٿو سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مدد گار ۽ ڪورونا وائرس ضلعي جي فوڪل پرسن سيد قاسم نويد تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ وڌي 17 تي پهچي چڪو آهي جنهن ڪري ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ وڌيڪ سختي ڪندي عوام کي پنهنجي گھرن اندر رهڻ جي اپيل ڪريان ٿو هن چيو ته ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ مقامي طور تي 7 ڄڻا ۽ باقي 10 جو تعلق تبليغي جماعت سان آهي، ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ 4 ۽ آئسوليشن سينٽر قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته او ليول اسڪول ۾ 116 تبليغي جماعت سان تعلق رکندڙن کي آئسو ليشن تي رکيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.