تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

ٽنڊو محمد خان ۾ 32 ورهين جي نوجوان وڻ ۾ ڦاهو ٻڌي آپگهات ڪري ڇڏيو

ٽنڊو محمد خان ( ن پ ا) ڪريم آباد ڪالوني جو رهواسي 32 ورهين جي نوجوان بابو ٺاڪر گهرو پريشانين کان تنگ اچي مبينه طور وڻ ۾ رسو ٻڌي آپگهات ڪري ڇڏيو. سندس لاش کي وڻ ۾ ٽنگيل ڏسي ڪالوني جي رهواسين پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس لاش کي وڻ مان لاهي پوسٽ مارٽم لاءِ سرڪاري اسپتال پهچايو آهي جتان پوسٽ مارٽم بعد مقتول جا وارث لاش گهر کڻائي ويا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

Bookmark the permalink.