تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا وائرس جي پهرين ڪيس جي تصديق: انتظاميا علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو

منظور ميمڻ جي ٽيسٽ رپورٽ ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي:ڊي ايڇ او

ٽنڊو محمدخان(ن پ ا) ٽنڊو محمد خان ۾ هڪ شخص کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، جنهن سبب علائقي کي ڪڙو چاڙهيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ نصير آباد پاڙي ۾ منظور ميمڻ نالي شخص کي ڪورونا وائرس جي شڪ سبب سول اسپتال موڪليو ويو، لمس حيدرآباد مان آيل رپورٽ جي آڌار تي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر يوسف ڄاڄهيو ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، متاثرشخص موجب هو 25 مارچ تي رائيونڊ اجتماع ۾ ويو هو. اتان جئين ئي واپس آيو تـ کيس ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي. هوڏانهن اهڙي خبر پوڻ تي ڊي، سي ٽنڊو محمد خان جي اڳواڻيءَ ۾ رينجرس، پوليس ۽ ميڊيڪل ريپيڊ ريسپانس ٽيم، نصيرآباد پاڙي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو.

Bookmark the permalink.