تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

ٽنڊو محمد خان ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو: 5 ڄڻا زخمي

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان ۾ ٻارن جي معمولي جهيڙي تان هڪ ئي برادري جون 3 عورتون 2 مرد سخت زخمي ٿي پيا آهن ، ان ڏس ۾ ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ ڪرڙ پٽ ڳاهو ۾ ٻارن جي معمولي جهيڙي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺين جي وسڪارن ۽ لوهي سيکن جي حملي سان 3 عورتون 2 مرد مسمات بصران ، مسمات حسنه ، مسمات عزيزان ، ابلو پٽ ڳاهو ۽ ترپيو پٽڳاهو رتو ڇاڻ ٿي ويا ، جن کي زخمي حالت ۾ سرڪاري اسپتال داخل ڪيو ويو ، واقعي بابت پوليس اين سي داخل ڪري ڪا به گرفتاري نه ڪئي آهي .

Bookmark the permalink.