تازا ترين
  • پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جو قرض منظور*قرض جي رقم خصوصي بنيادن تي جاري ڪئي ويندي، 30 ڪروڙ گردشي قرضن لاءِ هوندا: ايشيائي ترقياتي بئنڪ*
  • هڪ سال ۾ رڳو پيٽروليم شين جي مد ۾ عوام کان 206 ارب 28 ڪروڙ رُپيا ٽئڪس اوڳاڙيو ويو: وفاقي سرڪار جو اعتراف*قومي اسيمبلي ۾ تيل جي اگهن بابت پيٽروليم وزارت طرفان لکت ۾ جواب جمع، اگهن ۾ 6 ڀيرا اضافو ۽ 11 ڀيرا گهٽتائي ڪرڻ جي دعويٰ*عوام کان پيٽرول تي 35 رُپيا، ڊيزل تي 45 رپيا 75 پئسا ۽ گاسليٽ تي 20 رُپيا في لٽر جي حساب سان ٽئڪس ورتو پيو وڃي: پيٽروليم وزارت*
  • تڪبندين ۽ اليڪٽورل رول ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، نيون تڪبنديون 2017ع جي آدم شماري پٽاندڙ ڪيون ويون: اليڪشن ڪميشن*سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق خلاف درخواست تي ٻڌڻي، اليڪشن ڪميشن جواب جمع ڪرايو*آبادي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق آهي، اُن بنياد تي ٿيل چونڊون ڌانڌلي سٽيل آهن: درخواستگذار*
  • ڪنڊيارو ڀرسان عورت ٻن معصوم ٻارن سوڌو شاخ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*ڪراچي واسڻ انشيلا کوسو ۽ سندس ڌيءُ فوت، لاش هٿ ڪيا ويا، مقامي ماڻهن پُٽ کي بچائي ورتو *
  • *الطاف ابراهيم قائم مقام چيف اليڪشن ڪمشنر بڻجي ويو*
  • *ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات، موسم خوشگوار، ٿڌ ۾ واڌ*

ٽنڊو محمد خان ۾ ناريءَ کي ڪچو شراب پيئارڻ بعد اجتماعي لڄالٽ ڪندڙ ٻن جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا

6 مهينا اڳ جوابدارن لڄالٽ بعد نشي جي حالت ۾ ڦٽو ڪيو هو، وڊيو وائرل به ٿي

عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدارن کي قيد ۽ 60 هزار رُپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: امتياز مڱريو) ٽنڊو محمد خان جي عدالت ناري جمنا کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻائيندڙ ٻن جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. شگر ملز گرائونڊ ٻاهران 6 مهينا اڳ 15 ورهين جي ناري جمنا سامي کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ ٿي، جنهن دوران جوابدارن کي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو. عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار رجب ۽ روشن شيخ کي سخت پورهئي سان 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته جوابدارن تي 60 هزار رُپيا ڏنڊ به لڳايو ويو.
واضح رهي ته جوابدارن ناريءَ کي زوري ڪچو شراب پيئارڻ بعد اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو هو. جوابدار مشترڪه ڪالوني جا رهواسي هئا. پوليس ڪيس داخل ٿيڻ بعد ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو هو.

Bookmark the permalink.