تازا ترين
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

ٽنڊو محمد خان ۾ عوام کي پاڻي، صحت، تعليم ۽ روڊن جي سهولت نه ملي، انتظاميا ناڪام

حيدرآباد ضلعي کي اپريل 2005ع ۾ورهائي ٽنڊو محمد خان کي ضلعو بڻايو ويو

شهر جي 3 لک آبادي پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم، سرڪار پيئڻ جي پاڻي جي رٿابندي نه ڪئي

ٽنڊو محمد خان : ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ٺهڻ کي 14 سال گذرڻ باوجود شهرين کي پيئڻ جي پاڻي، صحت، تعليم، روڊن جي سهولت نه ملي سگهي آهي، گندگي ۽ حددخلين سبب شهري عذاب ڀوڳڻ تي مجبور آهن. پنهنجي اخبار جي ڪيل سروي رپورٽ موجب حيدرآباد ضلعي کي اپريل 2005ع ۾ورهائي ٽنڊو محمد خان کي ضلعو بڻايو ويو، حڪومتون تبديل ٿيڻ ۽ 14 سال گذرڻ باوجود ٽنڊو محمد خان مسئلن جي انبار ۾ ڦاٿل آهي، عوام جا بنيادي مسئلا حل نه ٿي سگهيا آهن، ٽنڊو محمد خان جي 3 لک آبادي پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهي، ضلعي حڪومت پيئڻ جي صاف پاڻي جي رٿابندي نه ڪري سگهيون، ڊرينيج سسٽم 50 سال اڳ جو هئڻ ڪري مڪمل طور تي ناڪاره بڻجي چڪو آهي، شهر جي مختلف علائقن سومرا محلا، ٽالپور ڪالوني، دولهه جو پڙ، بهراڻي پاڙو، پيپلز ڪالوني، شوڪت ڪالوني، گلشن فيز ڪالوني سميت 19 وارڊن اندر گندگي جا ڍير لڳل آهن. جڏهن ته ڊرينيج جي ناڪاره هئڻ ڪري ڄاڻايل علائقن اندر گهٽين ۾ پاڻي بيهڻ سبب شهرين ڏکيائي جو شڪار آهن. ضلعي ۾ 45 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان سول اسپتال تعمير ڪئي وئي، اسپتال جي او پي ڊي ۾ روزانو 300 کان وڌيڪ مريض اچن ٿا پر انهن کي علاج جي بهترين سهولت توڙي دوائون فراهم نه ٿيون ڪيون وڃن، اسپتال ۾ ڪتي جي چڪ ۽ نانگ جي ڏنگ کان بچاءُ جي ويڪسين پڻ اڻلڀ آهن، اسپتال ۾ ڪيترائي شعبا بند پيل آهن ۽ سرجن نه هئڻ جي برابر آهن، اسپتال ۾ مقرر 30 کان وڌيڪ ڊاڪٽر گم آهن ۽ هڪ ڊاڪٽر دبئي ۾ رهائش اختيار ڪرڻ جا اطلاع آهن، جنهن جو پگهار هر مهيني اسپتال مان جاري ٿي رهيو آهي. سول اسپتال ۾ سرجن ڊاڪٽر نه هئڻ سبب آپريشن نه ٿا ٿين، صرف ليڊي ڊاڪٽرياڻيون ڳورهاري عورتن جا آپريشن ڪن ٿيون. ضلعي ۾ تعليمي صورتحال خراب آهي، 2 سو کان وڌيڪ اسڪول بند پيل آهن، ڪيترن ئي اسڪولن ۾ سهولتون اڻلڀ آهن. فرنيچر جي کوٽ، ڇتين ۽ ديوارن جا چاپڙ ڪرڻ روزانو جو معمول بڻجي ويو آهي. ٽنڊو محمد خان شهر سميت ضلعي جي ٽنهي تعلقن ٽنڊو محمد خان، بلڙي شاهه ڪريم ۽ ٽنڊو غلام حيدر جا 50 کان وڌيڪ جي سرڪاري اسڪولن جو ڪم ٺيڪيدار اڌ ۾ ڇڏي ويا آهن، ضلعي ۾ سوين ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم آهن. ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي ايڪسين انعام الله قريشي ٻڌايو ته ايم پي اي جي اسڪيم مان هيل تائين ڪابه اسڪيم موجود نه آهي جڏهن ته نان اي ڊي پي فنڊ روائيز رڪجڻ سبب ضلعي اندر اسڪولن جا مرمتي ڪم اڌ ۾ رڪيل آهن جيئن ئي سنڌ سيڪريٽريٽ مان فنڊ روائيز ٿي ويندا ته جلد ڪم شروع ڪيا ويند. ٽنڊو محمد خان شهر توڙي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم، ٽنڊو غلام حيدر ڀرپاسي جا روڊ رستا به تباهه ٿيل آهن، روڊن جي تباهي سبب عوام کي سفر ۾ گهڻي ڏکيائي ٿئي ٿي ۽ ڪجهه منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ طئي ٿئي ٿو.

Bookmark the permalink.