تازا ترين
  • *قاضي احمد ۾ پوليس طرفان لاڪ ڊائون جي مبينا ڀڃڪڙي جي الزام هيٺ هڪ عطائي ڊاڪٽر گرفتار*
  • *سکر جَي جهنگلي جيوت کاتي طرفان گهوٽڪي فيڊر ۽ رائيس ڪئنال ۾ لهي ويل 2 انڌيون ٻلهڻيون پڪڙي واپس سنڌو درياهه ۾ ڇڏيون ويون*
  • جيڪب آباد: ڳوٺ غلام صابر کوسو ۾ گهر جي ڀت ڪري پئي، هڪ ٻارڙو فوت، ٻيو زخمي
  • *ڪوٽ غلام محمد: ڪوٽ ميرس ڀرسان باهه لڳڻ سبب ٽن پورهيتن جا گهر سڙي ويا * ديهھ 282 ۾ باهه سبب محمد صالح شيخ، نديم ۽ مير محمد شيخ جي گهرن ۾ پيل اناج به سڙي رک *
  • *ڳڙهي خيرو: ڳوٺ پٺاڻ لهر ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل *جوابدار جاويد لهر پنهنجي سئوٽ ليلان ۽ نوجوان فقير محمد لهر کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو*
  • *ڪراچي ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪري مسافرن کي کڻي ويندڙ 51 گاڏيون پوليس قبضي ۾ وٺي ڇڏيون، ڊرائيورن تي ڪيس داخل *29 ڊرائيورن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيا ويا،گاڏين ۾ سوار مسافرن کي ڇڏيو ويو*
  • **پڊعيدن: نصرت ڪئنال مان تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش ھٿ **
  • *سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ هڪ ڄڻو فوت، ٻارن ۽ عورتن سوڌو 12 زخمي*
  • *ٻانڌيءَ ويجهو سبزي کڻڻ لاءِ ويندڙ ٽرڪ اونڌي، 5 مزدور زخمي*
  • *ميهڙ ڀرسان عورت آپگهات جي ڪوشش دوران معصوم پٽ ماري ڇڏيو*
  • *رليف ڪميٽي طرفان گهرن تائين راشن پهچائڻ لاءِ مقامي نمائندن، عالمن ۽ استادن کان مدد وٺڻ جو فيصلو: عوام کي گهرن ۾ رهڻ جي اپيل * اُميد آهي ته وفاق سياست بدران رليف جي معاملي ۾ سنڌ حڪومت جي مدد ڪندو، عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: امتياز شيخ *
  • *عالمي بئنڪ پاران ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان پاڪستان لاءِ 238 ملين ڊالرز جي امداد منظور * ورلڊ بئنڪ جي بورڊ آف ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽرز پاران پاڪستان لاءِ امداد جي منظوري ڏني وئي * ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان 200 ملين ڊالرز ۽ طبي اوزارن ۽ سامان لاءِ اضافي 38 ملين ڊالرز منظور*
  • *ميرپورماٿيلو تعلقي اسپتال جي ڊاڪٽر جي مبينا غفلت: ڪورونا وائرس جي 2 مريضن کي ڊي ايڇ او اسپتال ڇڏيو ويو*
  • ** قمبر ۽ دادو ضلعن ۾ تيز برسات سبب هيٺاهينءَ وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ، فصلن کي نقصان، بجلي بند * جوهي:کيرٿر تي برسات کان پوءِ نئين گاج 5 فوٽ وھي آئي، ڪاڇي جا مختلف واهه به ڀرجي ويا**
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب 53 هزار 238 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا*

ٽنڊو محمد خان ۾ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڏيو: شهري ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا سراپا احتجاج: مارچ بعد ڌرڻو

شهري اتحاد جي سڏ تي پيادل مارچ بعد پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو

نوجوان ۽ نياڻيون دربدر آهن، انجنيئرنگ يونيورسٽي ڇو نٿي ڏني وڃي؟ شهري

ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊي محمد خان ۾ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي قيام وڏي انگ ۾ ماڻهن جو پيادل مارچ ۽ ڌرڻو، شهر جي شهيد هوشو چوڪ کان شهري اتحاد ۽ سول سوسائٽي طرفان پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب ڦليلي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن نور حسن کوکر ، آصف چانڊيو، علي بخش سومرو ، ايڊووڪيٽ مظهر مهدي ، الطاف ڪولاچي ۽ ٻين چيو ته ٽنڊو محمد خان سنڌ صوبي جي قدرتي وسيلن کان مالا مال ضلعو هجڻ باوجود تعليم جي بنيادي سهولتن کان محروم ضلعو آهي، علائقي جي اندر انجنيئرنگ يونيورسٽي نه هجڻ ڪري هزارين ٽنڊو محمد خان واسي شاگرد ۽ شاگردياڻيون انجنيئرنگ جي اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ شهرن ڪراچي، حيدرآباد ، سکر ۽ ٻين شهرن ڏانهن سفر ڪن ٿا، کين تمام گهڻيون دکيائون پيش اچن ٿيون، هنن مطالبو ڪيو ته ٽنڊو محمد خان ۾ فوري طور انجنيئرنگ يونيورسٽي جو قيام عمل ۾ آندو وڃي ، ٻي صورت ۾ شهري روڊن رستن تي اچي سخت احتجاج ڪندا.

Bookmark the permalink.