تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ٽنڊو محمد خان: ڪنب شاخ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سبب ڳوٺ ٻڏي ويا

ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي گاجا مائينر مان ڪنب شاخ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سبب ڳوٺ حاجي محمد صوڀو، ستابو صوڀو، گل محمد ناهيون، حاجي صديق ناهيون سميت ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته فصل ٻڏي وڃڻ سبب ڳوٺاڻن کي لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي. ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن محمد حسن صوڀو، محمد اسلم جهيجو، انور ناهيون، رسول بخش صوڀو، علي اڪبر ناهيون ۽ ٻين دانهيندي چيو ته آبپاشي عملدارن گاجا مائينر مان ڪنب شاخ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو جنهن ڪري سندن فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي ڇوڙ ڪرائينڊرن خلاف ڪارروائي ڪري نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.