
ٽنڊو محمد خان(رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ڀرسان هڪ پيرسن جو لاش هٿ، نانگو شاهه لنڪ روڊ تي ڪچي مان70 سالن جي پيرسن جو لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڪچي مان مٽيءِ کڻندڙ ٽريڪٽر ٽرالي پيرسن مٿان چڙهي ويو، جنهن سبب هو فوت ٿيو آهي . تعلقي ٽنڊو محمد خان ٿاڻي جي پوليس لاش ڊسٽرڪٽ سول اسپتال پهچايو، سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري ضروري ڪارروائي ڪرڻ کانپوءِ مڙهه اسپتال جي مرده خاني ۾ رکيو ويو