تازا ترين
  • حڪومت ٻڌائي ته بزرگ شهرين کي ڪهڙيون سهولتون مليون؟سنڌ جي هر ضلعي ۾ اولڊ ايج هومز ٺاهڻ ۽ بزرگ شهرين کي طبي سهولتون ڏيڻ جو حڪم*سنڌ سرڪار اولڊ ايج هومز ٺاهڻ لاءِ گهربل فنڊز جاري ڪري: سنڌ هاءِ ڪورٽ بزرگ شهرين لاءِ طبي سهولتون يقيني بڻائڻ جو به حڪم ڏنو*بزرگ شهرين کي سندن قانون جو به پتو ناهي: عدالت طرفان قانون تي عمل لاءِ جاڳرتا مهم هلائڻ ۽ شڪايتون ٻڌڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم*
  • لاهور اسپتال تي حملي ۾ گرفتاريون: پنجاب ۾ وڪيلن جي هڙتال*پنجاب بار ڪائونسل جي سڏ تي سموري صوبي ۾ وڪيلن جي هڙتال، مظاهرا ۽ ريليون*

ٽنڊو محمد خان واسڻ عورت کي وڪرو ڪري زبردستي پرڻائڻ جو انڪشاف: متاثر ناري جو قادرپور ڀرسان قومي شاهراهه تي احتجاج

پوليس ناري حسينا شيخ کي تحويل ۾ وٺي سندس مڙس اصغر چاچڙ کي گرفتار ڪري ورتو

مڙس جي تشدد کان تنگ ٿي گهران نڪيس ته سندس مائٽن کنڀڻ جي جوشش ڪئي: ناري

گهوٽڪي( رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان واسڻ عورت کي مبينا طور وڪرو ڪري زبردستي پرڻائڻ جو انڪشاف: متاثر ناري جو قادرپور ڀرسان قومي شاهراهه تي احتجاج، مڙس خلاف دانهون، قادرپور ڀرسان ٽنڊو محمد خان واسي عورت حسينا شيخ احتجاج ڪندي قومي شاهراهه تي دانهون ڪيون ۽ چيو ته مڙس اصغر چاچڙ مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي، سندس هنگامي سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي. اطلاع تي پوليس پهچي عورت کي تحويل ۾ وٺي اصغر چاچڙ نالي شخص کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي عورت مائي حسينه شيخ ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته غربت سبب ڪجھه مهينا مونکي ڳوٺ يوسف چاچڙ جي رهواسي محمد اصغر چاچڙ سان زبردستي پرڻايو ويو. جتي مڙس روزانو تشدد ڪندو آهي، جنهن مان تنگ ٿي مڙس جي گهر مان نڪري پنهنجي والدين ڏانهن وڃڻ لاءِ گهوٽڪي پهتس ته مڙس جا مائٽ پهتا، انهن زبردستي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي. رڙيون ڪرڻ تي پوليس پهچي مونکي ٿاڻي تي کڻي آئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ناري کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.