تازا ترين
  • *گهوٽڪي: قومپرست پارٽين جي 25 کان وڌيڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان *اسان جو اڄ کان ڪنهن به قومپرست پارٽي سان تعلق نه آهي: خادم سولنگي/عبدالطيف گهوٽو ۽ ٻيا*
  • *جيڪب آباد: ڪوريجا شاخ واسي پورهيت 40 ورھين جو اوشاق کوکر عورتاڻي آواز ۾ ھرکجي اغوا *نوجوان کي عورتاڻي آواز ۾ 3 ڏينھن اڳ گھرائي گهوٽڪي وٽان اغوا ڪيو ويو: وارث*
  • *سکر: قومپرست جماعتن جي 60 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان *اڄ کان قومپرست جماعتن سان اسان جو ڪو به تعلق ناهي: لياقت چني ۽ ٻين جي پريس ڪانفرنس*
  • *اسلام آباد ۾ سمورن اڏاوتي منصوبنلاءِ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي جي منظوري لازمي قرار *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اِي پي اَي جي منظوري کانسواءِ اڏاوتي ڪم شروع ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو *وزيراعظم جو خاص معاون ملڪ امين اسلم ۽ موسمياتي تبديلي واري کاتي جو سيڪريٽري ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي طور طلب *سي ڊي اي چيئرمين عامر علي احمد کي به 22 آگسٽ تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *
  • *هالا جي ٽيڪسي ڊرائيورن جو اڏي تي قبضي خلاف احتجاج، گاڏيون روڊ تي بيهاري ڇڏيون *ٽيڪسي ڊرائيورن ۽ پوليس اهلڪارن ۾ منهن ماري، پوليس ۽ قبضي خورن خلاف نعريبازي *بااثر پلاٽ وڪرو ڪري اسان کي بيروزگار ڪرڻ چاهي ٿو: ڊرائيورن جون دانهون *هالا پوليس ڳالهين لاءِ ٿاڻي تي گهرائي لاڪپ ڪيو: ڊرائيورن جو الزام *
  • *حيدرآباد ۾ اڳوڻو ايم اين اي ۽ ايڇ ايم سي جو اڳوڻو ميئر آفتاب شيخ ڪار جي ٽڪر ۾زخمي *اڻڄاتل ڪار لطيف آباد نمبر 6 ۾کيس گهر ٻاهران ٽڪر هنيو، زخمي ڀٽائي اسپتال منتقل*
  • *سنجهورو: شادي هال پويان سڙيل ۽ بيهوشي واري حالت ۾ اڻڄاتل نوجوان هٿ *نوجوان پاڻ مٿان گاسليٽ هاري باهه ڏني آهي: اکين ڏٺا شاهد *اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان کي کڻائي اسپتال پهچايو*
  • *سکر: مزدا کي اوچتو باهه لڳي وئي، گاڏي مڪمل طور تي سڙي وئي *اطلاع تي فائر برگيڊ عملي پهچي باهه تي ضابطو آندو*
  • *ڪنڌڪوٽ: انڊس هاءِ وي تي ڄام واهي ويجهو روڊ حادثي ۾ پيرسن فوت *لاش اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي: پوليس *
  • *ڏهرڪي : گذريل ڏينهن روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل گلاب شاهه ڪالوني واسي نوجوان شاهزيب ملڪ فوت *شاهزيب گذريل ڏينهن اوٻاوڙو ويجهو جشن آزادي جي ريلي دوران ٽرالر جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيو هو*
  • *حيدرآباد ۾به پوليو مهم جو افتتاح، هيلٿ ورڪرز ٻارڙن کي ڦڙا پيارڻ شروع ڪري ڇڏيا *پوليو مهم لاءِ هڪ هزار ٽيمون ڪم ڪنديون، 3 لک ٻارن کي ڦڙا پيارا ويندا: ضلعي انتظاميا*
  • *ٺري ميرواھه: بوزدار وڏا فيڊر جي رهواسين جو بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج *رهواسين ٽائر ساڙي ٺري سيٺارجا روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، مسافر پريشان *بوزدار وڏا فيڊر جي ڳوٺن ۾ 24مان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: رهواسي*
  • *ٺل: ڳوٺ گلشير ڪنراڻي واسي پيرسن ابراهيم ڪنراڻي جو فصل مان لاش هٿ *اطلاع تي ڳڙهي حسن پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال کڻائي وئي*
  • *جيڪب آباد ويجهو سڱاوتي تڪرار تان جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾جهيڙو، عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد ميان سومرو ۾لٺيون لڳڻ سبب حسينا، نور خاتون، غلام حسين ۽ ٻيا زخمي *جکرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿيو، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو: پوليس*

ٽنڊو محمد خان جي لاڪ ڊائون متاثر فنڪارن جي ڪنهن سار نه لڌي، سهائتا جي اپيل

سرندي وارا به اسان جي مدد نه پيا ڪن، ڪنهن آڏو هٿ نٿا ٽنگي سگهون، سرڪار سهائتا ڪري پريشانين کان بچائي: فنڪارن جي اپيل

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: امتياز مڱريو) لاڪ ڊائون سبب ٽنڊو محمد خان جا فنڪار ۽ سازندا پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا، حڪومت سندن ڪا به سار نه لڌي. ڪورونا وائرس سڄي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پکڙيو آهي جنهن کانپوءِ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ هيل تائين تقريبن ۽ عوامي ميڙاڪن تي پابندي آهي جڏهن ته ڪيترين ئي جاين تي فلمن ۽ ڊرامن جي شوٽنگ به ملتوي ڪئي وئي آهي جڏهن ته سينما هالز به بند پيل آهن. شادي جون تقريبون، عوامي ۽ تفريحي ماڳ بند هجڻ سبب فنڪار برادري به پريشانين جو شڪار آهي. ان ڏس ۾ ٽنڊي محمد خان جا 50 کان وڌيڪ فنڪار ۽ فنڪارائون بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. چئن مهينن کان لاڳو لاڪ ڊائون سبب فنڪارائون توڙي سازندا مالي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن پر هيل تائين ڪنهن به سندن سار نه لڌي آهي. لاڪ ڊائون سبب شادين تي لڳايل پابندي ۽ درگاهون بند هجڻ سبب لوڪ فنڪارن، سازندن کي پريشانين جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. ٽنڊي محمد خان جي لوڪ فنڪارائن حسينه ڪنول ، فرزانه گل ، عاليه سومرو، راني مهڪ ۽ ٻين ان حوالي سان ٽائيم نيوز سان ويچار ونڊيا آهن. فنڪارائن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ٻين فنڪارن سميت ٽنڊومحمدخان جي لوڪ فنڪارن ۽ فنڪارائن کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي، گذريل چئن مهينن کان لاڪ ڊائون سبب گهرن تائين محدود آهيون. سندن چوڻ هو ته شادين تي مڪمل پابندي آهي، جڏهن ته درگاهون به بند پيل آهن اهو ئي سبب آهي جو گذر سفر ڏکيو ٿي پيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته حڪومت طرفان يا سرندي وارن طرفان لاڪ ڊائون متاثرن لاءِ جيڪو راشن وغيره ڏنو ٿو وڃي ان ۾ به اسان فنڪارن ۽ سازندن کي ڪير به ياد نه ٿو ڪري ۽ نه ئي اسان ڪنهن جي اڳيان راشن يا امداد واسطي هٿ ٽنگي ٿا سگهون. هنن سنڌ سرڪار سميت سرندي وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن مالي سهائتا ڪري کين پريشانين کان بچايو وڃي.

Bookmark the permalink.