
ٽنڊومحمد خان (ن پ ا) ٽنڊومحمدخان شهر جي خانگي اسپتال جي باٿ روم ۾ پنهنجي تازي ڄاول ٻار کي ڊبليو سي ۾ ڇڏيندڙ عورت مسمات شيربانو عرف خيربانو ۽ سندس ڏير منير سٺيو کي سٽي پوليس ڳوٺ قبولپور مان گرفتار ڪري ورتو، ٻنهي خلاف ڪيس داخل ڪيوويو، پوليس جو چوڻ آهي ته عورت سميت گرفتار جوابدارن پنهنجو ڏوهه قبول ڪري ورتو آهي، گرفتار جوابدارن کي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي.